حڪمرانن جي شاهه خرچين جو بار عوام جي کيسي تي

0
361
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

لڳي ايئن ٿو حڪمرانن جو ملڪ جي عوام سان نه ڪو واسطو آهي نه ئي انهن جي پرواهه آهي جو جيڪا مرضي پوين ٿي بار عوام تي اڇلائي ٿا ڇڏين پر پنهنجا شاهه خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن.مخالف ڌر ۾ هوندي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ اڳواڻ جڏهن حڪومت ۾ اچن ٿا ته اهي به انهي رستي تي هلي پون ٿا. هن وقت انهي پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته اڳوڻين حڪومتن کي عوام دشمن ۽ شاهه خرچ قرار ڏيندي هئي ۽ انهن تي تنقيد ڪندي هئي ته پروٽوڪول کان وٺي هائوسز تي اضافي خرچ ڪري غريب عوام تي بار وڌو پيو وڃي. سڌريل ملڪن جي چونڊيل وزيراعظمن جي سائيڪل تي آفيس اچڻ جا مثال ڏنا ويندا هئا، جنهن ڪري عوام جي اڪثريت 2018ع جي چونڊن ۾ کين ووٽ ڏئي اقتدار تي ويهاري تبديلي جي اميد لڳائي ويٺي، تبديلي ته پري رهندو اڳوڻين حڪومتن کان به هي حڪمران شاهه خرچين ۾ وڌي ويا.
عوام گورنر هائوسز جي يونيورسٽين ۾ تبديل ٿيڻ ۽ وزيراعظم جي سائيڪل تي اچڻ جو آسرو ته ختم ڪري ڇڏيو پر جيڪي وزيراعظم هائوس يا گورنرهائوسز جا اڳوڻا خرچ هئا انهي کان به اهي خرچ وڌي ويا آهن جڏهن ته عوام کي رليف ڏيڻ بدران حڪمران پاڻ کي رليف ڏيڻ ۾ پورا آهن، جنهن جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وفاقي حڪومت هن بجيٽ ۾اضافي خرچن لاءِ 1246 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽس منظور ڪرائي آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ختم ٿيل مالي سال دوران جيڪو سرڪاري خرچن جو ڪاٿو لڳايو ويو هو ان کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪيا ويا آهن جنهن ڪري هن بجيٽ ۾ سپليمينٽري گرانٽس منظور ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي.هڪ طرف اهي حالتون آهن جو عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي حڪمرانن جي خرچن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري انهي عوام تي بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽئڪس نه لڳائڻ جي دعويٰ ڪري اڻ سڌن ٽيڪسن ذريعي انهن جي کيسي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي .گذريل پندرنهن ڏينهن ۾ هي ٻيو دفعو ٿيو آهي جو پيٽروليم جي شين جا اگهه وڌايا ويا آهن جنهن سان هر شيءَ مهانگي ٿي ويندي.وزيراعظم بار بار معيشت جي بهتر ٿيڻ ۽ ڏکيا ڏينهن گذري وڃڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف وري انهي بهتري جو ثمر هن وقت تائين عوام کي منتقل ٿيندي نظر نه پيو. هڪ طرف وزيراعظم دعويٰ ٿو ڪري ته سندس حڪومت چاهي ٿي ته عام عوام تي بار نه پئي ته ٻئي طرف بنا وقفي جي پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن جو سڌو سنئون اثر عام عوام تي ئي پوڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽرانسپورٽ لاءِ موٽرسائيڪل جي استعمال اهو هيٺين طبقي وارو ئي وڌيڪ ڪري ٿو جيڪو ڪا وڏي گاڏي افورڊ نه ٿو ڪري سگهي، انهي کانسواءِ انهن قيمتن ۾ واڌ سان جيڪا ٻين عام استعمال جي شين ۾ واڌ ٿيندي آهي انهي کي روڪڻ جو اسان جي نظام ۾ ڪو مڪينزم ئي ناهي.
اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت به پنهنجي دعوائن جي ابتڙ پراڻين حڪومتن واري واٽ تي هلي رهي آهي،وڏا وڏا پروٽوڪول،وزيراعظم هائوس کان وٺي گورنر هائوسز ۽ ٻين وفاقي وزارتن جون اضافي ۽ بيجا شاهه خرچيون عوام جي کيسي تي اضافي بار بڻجي رهيون آهن ۽ انهي هوندي وري پيٽروليم جي شين جا اگهه وڌائڻ عوام کي نپوڙڻ برابر آهي، تنهن ڪري حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري شاهه خرچيون گهٽائي ۽ پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي واپس وٺي ته عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو،پوءِ ڀلي وزيراعظم سائيڪل تي آفيس اچي يا نه اها سندس مرضي آهي.