پاڻي جا غير شفاف فيصلا ۽ مرندڙ سنڌو درياءَ

0
631

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پاڻي هن ڌرتي تي رهندڙ هر ساهدار جي زنده رهڻ لاءِ اهم جز آهي. اها به تاريخي حقيقت آهي ته دنيا جي مشهور تهذيبن پاڻي جي ڪناري تي جنم ورتو. اها به حقيقت آهي ته سنڌ جو وجود لکن سالن کان وهندڙ سنڌو درياءَ جي مرهون منت آهي. سنڌ کي آباد ڪندڙ سنڌو درياءَ دنيا جي مختلف ملڪن جن ۾ چين، هندوستان ۽ افغانستان شامل آهن، مان گذري پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سمنڊ سان وڃي ملي ٿو. سنڌو درياءَ جيڪو دنيا جو ٻارهون وڏو درياءَ آهي، انهيءَ جو ٿالهه 000 (Drainage Area) 450، اسڪوائر ميل آهي جنهن مان پاڪستان ۾ 2،75،000 اسڪوائر ميل آهي. سنڌو درياءَ تي دنيا جو وڏو آبپاشي نظام 2 ڪروڙ هيڪٽرن تي مشتمل آهي، ان مان هڪ ڪروڙ ويھه لک آبادي لائق زمين آهي. (اعجاز احمد 2017) سنڌو درياءَ جي وهڪري ۽ طاقت جو اندازو رگ ويد ۾ شامل هن اشلوڪ مان ڪري سگهجي ٿو.
اي سنڌو 
تنهنجي پاڻي جي ڇوهه جو آواز 
ڌرتي تي مٿي 
ديو لوڪ تائين وڃي ٿو 
سنڌو جون تجليدار لهرون 
ان جي بي انت رفتار کي 
ظاهر ڪن ٿيون   
جيئن برسات اڳيان وڌندي 
بادلن مان گجگوڙ پيدا ڪندي آهي
تيئن سنڌو به بئل وانگر 
گجگوڙ ڪندي
اڳيان وڌي ٿي 
اها سنڌو ندي جنهن جو آواز مٿي ديو لوڪن تائين ويندو هو، اڄ خاموش آهي ۽ پنهنجي محبوب، سمنڊ سان ملڻ کان پهرين پساهه پورا ڪري ٿي. سنڌو جي انهيءَ بدحالي جو سبب مٿين علائقن ۾ درياءَ تي بند ٻڌڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ آهي. سنڌو سان اها ڏاڍائي ڏيڍ صدي پهرين شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري آهي. اها حقيقت آهي ته جيڪي به درياءَ گهڻن ملڪن جي سرحدن مان گذرن ٿا، انهيءِ لاءِ ڪجهه اصول وضع ڪيل آهن. دنيا جي مڃيل اصول تحت درياءَ جي مٿين ڀرواري ڌر کي پاڻي استعمال ڪرڻ جي ايتري اجازت آهي جو هيٺين ڌر جي مفادن کي نقصان نه پهچي. انهيءَ اصول تحت نيل ندي دنيا جي ستن ملڪن مان گذري ٿي پر ان تي ڪو به پاڻي جهيڙو نه آهي، ٻئي طرف ترڪي، عراق، شام، ايران ۽ ڪويت پڻ انهيءَ اصول تحت ٽگرس (Tigris) ۽ ايفيوريٽ (Euphrates) درياءَ جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. ڪجهه نديون وري هڪ ملڪ جي مختلف صوبن يا اڪاين کي ملائينديون آهن، سنڌو انهن مان هڪ آهي. سنڌو سان پاڪستان جي سڀني اڪاين جو مفاد وابسته آهي، پر خاص ۽ وڏو مفاد پنجاب ۽ سنڌ جو آهي. پنجاب مٿين ڀرواري ڌر هئڻ ڪري هرمون نظريه  Doctrine تحت اهو سمجهي ٿو ته ڇاڪاڻ جو درياءَ ان جي سرزمين مان وهي ٿو، ان ڪري پاڻي تي هن جو وڌيڪ حق آهي ۽ هو جيترو ضروري سمجهي، اهو پاڻي استعمال ڪري، باقي بچيل پاڻي ٻين اڪاين کي ڏي. انهيءَ جو مثال موجوده سيزن 2021ع ۾ فلڊ ڪئنال جو وهڻ آهي. انهن فلڊ ڪئنالن ٺهڻ وقت اهو چيو ويو ته اهي صرف ٻوڏ واري صورت ۾ يا سنڌو درياءَ ۾ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي هئڻ جي صورت ۾ وهايا ويندا، اهي به 1991ع واري ٺاهه جي شق نمبر 4 تحت. 1991ع واري ٺاهه جي شق 7 ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا لاءِ  ماحولياتي وهڪرن جي ڳالهه ٿيل آهي. سنڌ 10 ملين ايڪڙ فوٽ جي گهر ڪئي، پر ٻين صوبن جي اعتراض ڪري وڌيڪ اڀياس جو فيصلو ڪيو ويو. 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان عالمي ماهرن کان ڪرايل اڀياس ۾ ماحولياتي وهڪرن لاءِ 5000 ڪيوسڪ پاڻي روزانو ۽ 25 ملين ايڪڙ فوٽ هر پنجين سال ڇڏڻ جي سفارش ڪيل آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي اسمن کي گڏيون ته 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ساليانو ٿئي ٿو. پاڻي ڪيترو ڇڏيو وڃي ٿو، اهو اسان جي سامهون آهي. 
لاهور جي هڪ اداري “اريگيشنm انٽرنل واٽر مينجمينٽ” طرفان 2017ع ۾ شائع ڪيل هڪ تحقيقي اشاعت ۾ سنڌو ۾ سال 77-1976ع کان 15-2014ع تائين آيل پاڻي سراسري طرح 144.53 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هڪ ٻي محقق اقتدار ايڇ صديقي پنهنجي ڪتاب “هيڊرو پالٽڪس اينڊ واٽر وارس ان سائوٿ ايشيا” ۾ اهو انگ 145.14 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو ۽ اعجاز حسين پنهنجي ڪتاب “انڊس واٽر ٽريٽي” ۾ اهو انگ 138.65 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته 1991ع واري ٺاهه ۾ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايل آهي. ٻئي طرف پنجاب اهو انگ 102.5 ملين فوٽ ڄاڻائي 1991ع واري ٺاهه جي شق 2 تحت ورهاست کان نا بري واري ويٺو آهي. 
پنجاب ٺاهه جي شق 6 جنهن ۾ نون ذخيرن جو ذڪر ڪيل آهي، انهيءَ تي زور ڏئي رهيو آهي ته ٺاهه موجب نوان ذخيرا ٺاهيا وڃن. نون ذخيرن لاءِ هو واپڊا جي انگن اکرن کي بنياد ٺاهي ٿو، جنهن ۾ سراسري ساليانو ڪوٽري بئراج کان هيٺ 35 ملين ايڪڙ فوٽ وڃڻ جو ذڪر ڪيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ محترم اي – اين – جي عباسي جي رپورٽ جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن ۾ هن اهو واضح ڪيو آهي ته انهي پاڻي جو وڏو حصو صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ ويو آهي ۽ ڪجهه سال اهڙا آهن جن ۾ پاڻي نه هئڻ برابر ويو آهي.
اڄ اها حالت آهي جو سنڌ ۾ کوٽ هئڻ باوجود اهي فلڊ ڪئنال سنڌو جو پاڻي کڻي هندستان کي ڏنل اوڀرندي دريائن راوي ۽ ستلج واري علائقي ۾ زمينون آباد ڪيون پيون وڃن. حقيقت ۾ انهن اوڀرندي دريائن واري علائقي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ منگلا ڊيم ٺاهيو ويو هو ۽ تربيلا ته آخر ۾ اهو چئي شامل ڪيو ويو ته اهو ڊيم صرف سنڌ لاءِ هوندو. اڄ منگلا ۾ پاڻي ايندڙ ربيع لاءِ گڏ ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ سوڪهڙي جو شڪار آهي. انهيءَ لاءِ چئبو آهي ته “پيٽ واري لاءِ ڪري ڪڇ واري کي بک مارڻ.” پنجاب جي زمينن کي آباد ڪندڙ ٻوڏ وارا ٻئي واهه هر وقت 24000 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ کي ايڪڙ فوٽ ۾ تبديل ڪجي ته هڪ مهيني ۾ اهو پاڻي 1.5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو، جيڪڏهن اهو اڃان خريف جا ٽي مهينا وڌيڪ وهندا رهيا ته اهو انگ 4.5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو، جيڪو نئين تجويز ڪيل / اڏاوت هيٺ ڀاشا ڊيم جي گنجائش جي اڌ کان وڌيڪ پاڻي ٿئي ٿو. اها ڳالهه اڃان اتي دنگ نه ٿي آهي. سال 2017ع ۾ بلوچستان کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪڇي ڪئنال جي نالي سان هڪ واهه جو افتتاح ڪيو ويو آهي. اهو واهه 2002ع ۾ 31.2 ارب روپين جي لاڳت سان چشما بئراج جي مٿين پاسي کان شروع ڪيو ويو هو، جيڪو پنجاب جي ضلعن ڊيره غازي خان ۽ راجن پور مان ٿيندو بلوچستان ۾ داخل ٿئي ٿو. 6000 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي سگهه رکندڙ انهيءَ واهه جي ڪل ڊيڳهه 495 ڪلو ميٽر آهي، پر انهيءَ مان پهرين مرحلي ۾ 395 ڪلو ميٽرن جو ڪم 80 (اسي) ارب روپين ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. انهيءَ 395 ڪلوميٽرن مان 305 ڪلو ميٽر پنجاب صوبي مان ڪڍيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ بلوچستان جي صرف 70 هزار ايڪڙ زمين رکيل آهي ۽ باقي مرحلن جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي. حالانڪه اهو واهه گڊو بئراج جي مٿين پاسي کان به ڪڍي پئي سگهيا، جتان بلوچستان ويجهو آهي ۽ ايتري رقم ۾ سڄو منصوبو مڪمل ٿي پئي سگهيو، اڄ اسان کي اها ڳالهه ڀلي سمجهه ۾ نه اچي ته اهو واهه 300 ڪلو ميٽر پنجاب  جي حدن مان ڇو ڪڍيو ويو آهي پر ايندڙ وقت ۾ اها ڳالهه به اسان لاءِ فلڊ ڪئنال وارو ساڳيو قصو هوندي. اهو 6000 ڪيوسڪ سڄي سال لاءِ 4.4 ملين ايڪڙ فوٽ جي برابر ٿئي ٿو. پنجاب ڀاشا ڊيم ٺهڻ کان اڳ انهيءَ پاڻي جي استعمال جو پورو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف وري سنڌ کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ بئراج آڇيو پيو وڃي، جيڪو سنڌ يا ڊيلٽا لاءِ ڪنهن به حالت ۾ فائديمند نه آهي. انهيءَ منصوبي کي 2005ع ۾ پاڪستان طرفان ماحولياتي وهڪرن جي تعين ڪرڻ لاءِ اڀياس ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل عالمي ماهرن جي ٽيم پڻ رد ڪري چڪي آهي. 
سنڌ کي گهٽ پاڻي ملڻ ڪري پوندڙ اثرن جو مون پنهنجي ايندڙ انگريزي ڪتاب “هيڊرو پاليٽڪس ان پاڪستان” ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هتي مان ان جو مختصر ذڪر ڪريان ٿو. 
1. سماجي ۽ معاشي اثر (Socio Economic Impact)
سنڌ ۾ درياءَ جي آس پاس ڪچي جي علائقي جي ايراضي تقريبن 20 لک ايڪڙ جنهن ۾ زرعي زمين ۽ ٻيلن هيٺ زمين شامل آهي. پاڻي نه اچڻ ڪري اها زمين غيرآباد ٿي وئي آھي ۽ ان تي گذر سفر ڪندڙ ماڻهن مجبورن شهرن جو رخ ڪيو آهي، جتي سماجي ۽ معاشي مسئلن جنم ورتو آهي. 

2. ماحولياتي اثر (Environmental Effect) 
سنڌ ۾ ڪنهن وقت ۾ لا تعداد، ننڍيون، وڏيون ڍنڍون موجود هيون، انهن جو پاڻي جو وسيلو سنڌو درياءَ هو. درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اهي ڍنڍون ختم ٿينديون وڃن. انهن ڍنڍن ۾ ايندڙ پکين ۽ ٻين جاندار شين ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ٻئي طرف پاڻي نه اچڻ ڪري سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي سمنڊ جي پاڻي جو اثر سمنڊ کان 100 ڪلو ميٽر مٿي تائين محسوس ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌ جو مالياحوتي ماحول پڻ متاثر ٿيو آهي. صرف منڇر ۾ ڪنهن وقت ۾ 400 مڇين ۽ 725 پکين جا قسم موجود هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي ويا آهن. (I.U.C.N) ماحولياتي وهڪرن گهٽجڻ ڪري مقامي ماڻهن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي آهي.  
3. اڪالاجيڪل اثر (Ecological Impact) 
هڪ اندازي مطابق سنڌ ۾ اٽڪل 60 لک ايڪڙن تي ٻيلا هئا، جيڪي پاڻي نه اچڻ ڪري تيزي سان گهٽجي رهيا آهن. ٻيلا ختم ٿيڻ ڪري سم، ڪلر وڌي وئي آهي ۽ زمينون غيرآباد ٿي ويون آهن. سمنڊ کي تمر جا ٻيلا اڳتي وڌڻ کان روڪيندا هئا. پر پاڻي نه اچڻ ڪري تمر جا ٻيلا پڻ گهٽجي ويا آهن. تمر جي ٻيلن گهٽجڻ ڪري اتي پلجندڙ مڇي جي واڌ رڪجي وئي آهي سنڌ ۾ سالياني پڪڙجندڙ مڇي جو اندازو ملڪ ۾ شڪار ٿيندڙ مڇي جو 97 سيڪڙو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي ويو آهي، خاص ڪري پلي جو نسل ختم ٿي ويو آهي. (مگسي 2012)
4. ثقافت ۽ صحت تي پوندڙ اثر 
سنڌ جا ماڻهو درياءَ جا پوڄاري ۽ دلداه آهن، انهيءَ ڪري انهن کي “درياءَ پنٿي” سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جا ملاح اڪثر درياءَ جي ڪنڌي تي يا ٻيڙين ۾ رهن ٿا. منڇر تي ٻيڙين جو شهر ڪنهن وقت ۾ مشهور هو. پاڻي نه اچڻ ڪري اها اسانجي ثقافت تباهه ٿئي پئي. خاص ڪري ڍنڍن جي ڪنڌي تي رهندڙ ماڻهن ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري انهن ۾ پيٽ جون ڪيترين بيمارين جنم ورتو آهي. 
5. سياسي اثر 
پنجاب مٿين ڀرواري ڌر هئڻ ڪري، زوري زبردستي پاڻي روڪي ڇڏي ٿو. پنجاب جو پاڻي روڪڻ ڪري سنڌ ڏڪار، ماحولياتي ۽ اڪالاجيڪل تباهي طرف وڃي پئي. جيڪڏهن انهيءَ جو ڪو عزت ڀريو مناسب حل نه ڪڍيو ويو ته اهو ممڪن آهي ته اڳتي هلي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي تان ويڙهه ٿئي، جيڪا وسيع تر ملڪي مفادن جي خلاف آهي. انهيءَ تصادم کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته 1991ع واري ٺاهه تي من وعن عمل ڪيو وڃي، 2003ع ۾ ٺاهيل پارلياماني ۽ ٽيڪينڪل ڪاميٽي ۽ 2005ع ۾ مقرر ڪيل عالمي ماهرن جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي. سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪو به نئون ڊيم نه ٺاهيو وڃي. انڊس ڊيلٽا کي تباهي کان بچڻ لاءِ ماحولياتي وهڪرن جو پاڻي ڏنو وڃي.   
سنڌ جي پاڻي جو مسئلو جتي ملڪ جي ٻي اڪائي سان آهي، اتي سنڌ اندر پڻ پاڻي ورهاست جو مسئلو موجود آهي. حالانڪه سنڌ اندر پاڻي ورهاست لاءِ هڪ بهترين آبپاشي نظام موجود آهي، پر اقرباپروري، رشوت خوري ۽ سياسي دخل اندازي انهيءَ سسٽم کي ناڪاره ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ کي پاڻي حوالي سام تمام گهڻيون ڏکايون ۽ مسئلا آهن، انهن جو حل نه ڳوليوسون ته سنڌ ۾ ڏڪار جا آثار تمام گهڻا آهن. 
ڏڪار صرف پاڻي کوٽ جي ڪري نه ٿيندا آهن پر ان ۾ ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون شامل آهن. جن ۾ روزمره جي استعمال جي شين جي اڻاٺ ۽ مهانگائي پڻ شامل آهي. تازو اقوام متحده جي عالمي کاڌ خوراڪ واري تنظيم طرفان شايع ڪيل رپورٽ نهايت ڳنڀير عالمي صورتحال ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ 43 ملين ماڻهو ڏڪار جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اسانکي پنهنجي آس پاس جي صورتحال تي نظر رکڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جيڪو 1980ع ۾ ايٿوپيا ۾ ٿيو هو. 
آخر ۾ اها گذارش ڪندس ته ڀاشا ڊيم جي خلاف اهڙي منظم عوامي جدوجھد هلائڻ گھرجي جھڙي ڪالا باغ ڊيم خلاف هلائي وئي هئي. جيڪڏهن اسان ڀاشا ڊيم جي اڏاوت نه روڪائي سگھياسين ته پوءِ سنڌ کي سمنڊ دوز ٿيڻ کان ڪير به نه  بچائي سگھندو.