حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جون ٽيسٽون دير سان ٿيڻ جي ڪري مريض ۽ ڊاڪٽر سخت پريشان آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس حيدرآباد پاران روزانو جي بنياد تي 500 کان 1000 تائين ڪورونا جي شڪي مريضن جا نمونا وٺي ٽيسٽن لاءِ موڪليا وڃن ٿا پر لمس سميت لاڳاپيل ليبارٽري ڪورونا جي ٽيسٽن جا نتيجا ڏيڻ ۾ دير ڪن ٿيون تنهن ڪري مريضن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ٽيسٽن جا نتيجا دير سان اچڻ جي ڪري خود ڊي ايڇ او آفيسر ۽ ضلعي انتظاميا کي به انتظار ڪرڻو پوي ٿو ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪورونا جي پازيٽو مريضن کي مختلف هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. ڪورونا جي ڪيسن جي حوالي سان جڏهن ڊي ايڇ او آفيس سان رابطو ڪيو وڃي ٿو ته اتان اهو جواب ملي ٿو ته ليبارٽرين ٽيسٽن جا نتيجا نه موڪليا آهن ان ڪري رپورٽ کي حتمي شڪل نه ملي آهي. خود ڪورونا جي صورتحال بابت رپورٽنگ جي حوالي سان ميڊيا کي به مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.