حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ واڌو واهه روڊ پرنس ٽائون ڀرسان سحري بعد نوجوانن روڊ تي ون ويلنگ جا ڪرتب پئي ڏيکاريا، جنهن دوران تيز رفتاري سبب هڪ موٽرسائيڪ سلپ ٿي پئي، نتيجي ۾ وٽرسائيڪل تي سوار 16 سالن جو نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 20 سالن جو يامين پٽ علي حسن سومرو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت کڻي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ڀٽائي نگر پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن ون ويلنگ پئي ڪئي جنهن دوران حادثو پيش آيو. حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري سندس لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي جڏهن ته زخمي قاسم آباد جي سومرا ڳوٺ واري علائقي جو رهواسي آهي. پوليس موجب فوتي نينگر جون تصويرون سڃاڻپ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن ڏانهن موڪليون ويون آهن. واضح رهي ته شهر ۾ پوليس پاران ون ويلنگ جا ڪرتب ڏيکاريندڙ نوجوانن کي نه روڪڻ سبب ون ويلنگ دوران حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.