حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت علي آباد واري علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم کي بحال نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ پبلڪ هيلٿ اينڊ انجنيئرنگ کاتي جي انجنيئر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 24 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ ايڊووڪيٽ اشوڪ ميگهواڙ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سٽي تعلقي جي علائقي علي آباد ۾ گندگي ۽ غلاظت جو آزار وڌيل آهي جڏهن ته سيوريج جو ناڪاره بڻيل نظام فعال نه بڻائڻ سبب روڊ رستا توڙي گهٽيون سيوريج جي پاڻي سان ٻڏي ويون آهن. گذريل ٻڌڻي تي عدالت ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر سميت لاڳاپيل عملدارن کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر شنوائي دوران ايڊمنسٽريٽر سميت ڪو به لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت عملدارن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 24 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.