ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري وارن 27 ڪيسن ۾ نامزد ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهار الحسن، وسيم اختر ۽ ٻين پاران بريت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا آهن جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن سلمان مجاهد ۽ عامر خان پاران حاضري کان استثنيٰ لاءِ داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجا اظهار، وسيم اختر ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت 3 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا جڏهن ته جوابدارن جي وڪيلن شاهدن جي بيان تي آڏي پڇا پڻ مڪمل ڪري ورتي، عدالت وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي،