حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو ۽ امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي جو زخمي وڌيڪ هڪ نينگر فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ 7 ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ رپوٽ دٻائي وئي آهي. ان ڏس ۾ لطيف آباد نمبر 8 جي اڪبري مسجد ڀرسان بجلي جي ٽرانسفارمر کي ڌماڪي دوران سڙي زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ نينگر 15 سالن جو عبدالحنان پٽ عبدالرحمان شيخ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. نينگر جو مڙهه لطيف آباد پهچڻ بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي. نينگر جي اڪبري گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اڪبري قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. نينگر جي فوت ٿيڻ بعد واقعي ۾ هيستائين فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 7 ٿي ويو آهي. ان کان اڳ ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ تابش، شجاعت، وقاص، سجاد، نعمان ۽ نينگر عارفين سميت 6 ڄڻا فوت ٿيا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي دوران زخمي ٿيل 11 ڄڻا اڃا تائين مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته حيسڪو جي ٻن ملازمن سميت زخمي ٿيلن مان چئن ڄڻن کي علاج بعد گهرن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. واقعي خلاف فوتين جا وارث توڙي سياسي سماجي اڳواڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر اڃا تائين سندن مطالبي مطابق واقعي جو ڪيس حيسڪو جي ڪنهن به اعليٰ عملدار خلاف داخل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران داخل حيسڪو ملازمن تي ڪيس واري معاملي ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. حئي پاسي حيسڪو اختيارين عيد جي ٻئي ڏينهن لطيف آباد نمبر 8 واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ 22 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي جاچ رپورٽ پڌري نه ڪئي آهي جنهن سبب رپورٽ جي حوالي سان ڪيترائي خدشا پيدا ٿي پيا آهن. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري معاملي جي جاچ جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو حيسڪو جي حڪم تي 4 ميمبرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جو ڪنوينر حيسڪو حيدرآباد جي جنرل مئنيجر کي مقرر ڪيو ويو هو. ان ڪاميٽي چيف انجنيئر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، مئنيجر ايس اينڊ آءِ ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر آپريشن سرڪل حيسڪو لاڙ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو هو. انڪوائري ڪاميٽي کي حڪم ڏنو ويو هو ته معاملي جي جاچ ڪري ان ئي ڏينهن رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. حيسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪري چيف ايگزيڪيوٽو حيسڪو جي حوالي ڪري ڇڏي آهي پر حيسڪو اختيارين پاران ان رپورٽ کي عام ڪرڻ بدران دٻايو ويو آهي ته جيئن معاملو ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ اها رپورٽ منظر عام تي آندي وڃي. حيسڪو جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاميٽي پاران ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري معاملي جو سبب به اوور لوڊنگ ڄاڻايو ويو آهي. واضح رهي ته ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو واقعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪري چڪو آهي ته ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جو سبب ان جي ناقص مرمت هئي ڇاڪاڻ ته ان ٽرانسفارمر جي مرمت حيسڪو جي سرڪاري ورڪشاپ بدران لوڪل ورڪشاپ مان ڪرائي وئي هئي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر جو چوڻ هو ته رپورٽ چيف ايگزيڪيوٽو کي پهچي وئي آهي پر اها رپورٽ پبلڪ ڪئي ويندي يا نه ان بابت اڄ سومر تي ڪو فيصلو ٿي سگهندو.