ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالھيار ۾ به ٽرانسفارمر کي باهه لڳڻ ۽ ڌماڪا ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي. ان ڏس “ ٽنڊو آدم روڊ تي واقع اسلاميا مسجد لڳ نواب ڪالوني ۾ گذريل 2 ڏينهن کان ٽرانسفارمر ۾ وقفي وقفي سان لڳندڙ باھ اڄ مذڪوره ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسفارمر مان نڪرندڙ تيل سبب 2 معصوم ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور زخمي حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊو الهيار آندو ويو ،بعد علائقي واسين پاران واپڊا عملدارن خلاف سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڄاڻايل ٽرانسفارمر مان شعلا نڪتا جنهن بابت اسان حيسڪو ٽنڊوالھيار جي عملدارن کي آگاھ ڪيو جنهن ٽرانسفارمر جو تيل تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو آهي.