حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ حيسڪو جو نظام نه سڌريو، ڪجهه ڏينهن کان قهر جهڙي گرمي ۾ حيسڪو پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيل هئڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان شهري بجلي کان محروم بڻيل آهن. تلڪه چاڙهي واري علائقي ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا. ڪوزي حليم سامهون روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران شهرين ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل هئڻ سبب بجلي بند پيل آهي. سخت گرمي ۾ بجلي بند هئڻ سبب معصوم ٻار، عورتون توڙي پيرسن بيحال بڻيل آهن. شهرين موجب انهن حيسڪو عملدارن کي ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جو چيو آهي پرعملدار کانئن مبينا طور 50 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن ۽ نه ڏيڻ تي سندن علائقي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي. علائقي واسين حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن علائقي جو ٽرانسفارمر تبديل ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي. شهرين جي احتجاج بعد سٽي ٿاڻي جي پوليس پهچي شهرين کي خاطري ڪرائي ته هو حيسڪو عملدارن کي چئي سندن علائقي جو ٽرانسفارمر تبديل ڪرائيندا. اهڙي خاطري بعد شهرين جو پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. هوڏانهن شهر جي لطيف آباد، سٽي، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ حيسڪو پاران روزانو بجلي جي 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري شهري گرمي ۾ بيحال بڻيل آهن.