حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ حالي روڊ جي علائقي آمريڪن ڪوارٽر ۾ گهر مان عورت کي بيهوش سمجهي وارث علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرياڻين سندس فوتگيءَ جي تصديق ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي عورت جي سڃاڻپ 40 سالن جي نازيه زال جاويد ڏيرو طور ٿي آهي. پوليس موجب سول اسپتال ۾ قائم ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن فون ڪري اطلاع ڏنو ته عورت جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن تي پهچي انهن لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪو ليگل شعبي حوالي ڪيو. حالي روڊ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي جسم تي ڊاڪٽرياڻين پاران تشدد جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي. هوڏانهن فوتي عورت جي ڀاءُ جو الزام هنيو آهي ته ڀيڻ نازيه ڏيرو کي سندس مڙس جاويد ڏيرو قتل ڪيو آهي جنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس موجب عورت واري معاملي بابت رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ بعد سندس ڀاءُ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس ڀاءُ حوالي ڪيو جيڪو پنهنجي گهر کڻائي ويو.