ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي انڊس ميڊيڪل يونيورسٽي آف سائنس لاءِ عدالتي حڪم تي پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ ٻيهر چانسلر مقرر، نئين مقرر ڪيل چانسلر ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن عدالتي حڪم تي معطل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي فل بئنچ جي عدالت سڳوري ۾ بورڊ جي ميمبر شاهزيب ميمڻ جي ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران انڊس ميڊيڪل يونيورسٽي آف سائنس جي بورڊ طرفان نئين مقرر ڪيل چانسلر ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ جي نوٽيفڪيشن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ، جنهن ۾ پروفيسر جان محمد ميمڻ کي واپس ٻيهر چانسلر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ، عدالتي فيصلي کانپوءِ نئين مقرر ڪيل چانسلر ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ کي سندس عهدي تان هٽائي پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ کي واپس ساڳئي چانسلر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويندو ، جيڪو پنهنجي عهدي جا ساڳيا فرائض انجام ڏيئي سگهندو.