حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ راند ڪندي ٻارن ۾ جهيڙي بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ايس پي سٽي ايس ايس پي پاران معاملي جي نوٽيس بعد ڌرين ۾ راڄوڻي ٺاهه ڪرائي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اڪبري مسجد واري علائقي ۾ رهائش پذير 10 سالن جي نينگري اريشا ڌيءُ وسيم شيخ پاڙي ۾ رهندڙ نينگر ابراهيم ۽ ٻين سان راند پئي ڪئي جنهن دوران نينگري جو رئو لهي ويو جيڪا ڳالهه هن پنهنجي والد سان ڪئي. سندس والد الزام هيٺ آيل نينگر جي گهر پهچي سندس وارثن سان جهيڙو ڪيو. جهيڙي بعد سيد مليحا نالي ناري 15 پوليس کي اطلاع ڏنو. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي وسيم شيخ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. والد جي گرفتاري بعد متاثر نينگري اريشا شيخ سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي ٽن نوجوانن مٿان کيس حراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي نوٽيس وٺي فوري طور تي ايس پي سٽي علينه راڄپر کي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پوليس ترجمان موجب ايس پي سٽي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي گرفتار شخص وسيم شيخ کي آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي.