حيدرآباد: قتل ٿيل قرت العين جي وارثن پاران ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو مطالبو!!

0
481
قرت العين قتل ڪيس

حيدرآباد: بئراج ڪالونين ۾ هفتو اڳ مڙس جي تشدد ۾ مبينا قتل ٿيل ناري قرت العين جي وارثن پوليس جاچ تي تحفظات ظاهر ڪري ڇڏيا، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وارثن شهلا رضا کان مطالبو ڪيو آهي ته ناري جي ڪمري ۽ بيڊ تان شاهديون ٻيهر گڏ ڪري انهن جي ڊي اين اي ڪرائي وڃي، ڪيس جي جاچ ايماندار پوليس عملدار سراج لاشاري کي ڏني وڃي.شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قرت العين جو لاش پوليس کڻائي آئي هئي پر لاش مقتولا جو مڙس عمر ميمڻ پاڻ کڻي آيو هو، ڪيس تي اثر انداز ٿيندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. شهلا رضا خاطري ڪرائي ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويندا، قرت العين واقعي کي آخر تائين نه ڇڏبو قاتل عمر ميمڻ کي هر حال ۾ سزا ڏياري ويندي.