عمرڪوٽ واسي پورهيت نوجوان مبينا طور پنجاب مان اغوا

0
236

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ واسي پورهيت نوجوان مبينا طور پنجاب مان اغوا ٿي ويو، جنهن وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته رميش اوڏ پنجاب ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندو هو، کيس اتان جي ٺيڪيدارن اغوا ڪيو آهي، سوائي ۽ سومار به ٺيڪيدارن سان مليل آهن، نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي، وارثن جي اطلاع بعد پوليس سومار اوڏ کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.