حيدرآباد: فيئن ۾ واڌ خلاف مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن جي ريلي

0
260

حيدرآباد: پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن فيئن ۾ واڌ خلاف اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا سپليمينٽري امتحان جو طريقو ختم ڪري سمر سيميسٽر امتحاني طريقو متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ فيل ٿيل اميدوارن کان من پسند فيئون اوڳاڙيون پيون وڃن، شاگردن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شاگرد هڪ پرچي ۾ فيل هوندو ته 75000 رپيا فيس ڏيندو جڏهن ته کيس پريڪٽيڪل لاءِ 5000 هزار رپيا الڳ فيس ادا ڪرڻي پوندي، هنن چيو آهي ته ٽن پرچن ۾ فيل شاگرد ساڍا 22 هزار رپيا في ادا ڪندو جيڪا شاگردن سان ناانصافي آهي، شاگردن جو مطالبو ڪيو آهي ته واڌو فيئن جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي پراڻي فيس 15 سئو رپيا مقرر ڪئي وڃي..