بيجنگ(م ڊ) سي پيڪ جي اهم منصوبي حيدرآباد- سکر موٽروي جو ٺيڪو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. چيني ميڊيا جي رپورٽ موجب سي پيڪ منصوبي ۾ شامل حيدرآباد سکر موٽر وي ايم  6 ٺاهڻ جو ٺيڪو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سي پيڪ عالمي معيار جو هوندو ۽ هي روڊ 30 مهينن جي مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو ويندو. ان تي 15 انٽرچينجز، سنڌ درياهه تي هڪ وڏي پل، واهن تي 82 پلون، 19 اوور پاس پلون، 6 فلاءِ اوور ۽ 10 سروس ايرياز ٺاهيا ويندا.