ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ سياري جي پهرين برسات، جابلو علائقن ۾ برفباري، ٿڌ ۾ واڌ، بجلي جي اکٻوٽ، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اڄ به برسات پوڻ جا امڪان آهن، خبر موجب ڪراچي جي ملير ۽ ڪورنگي ضلعن، ناظم آباد، صدر، ڪلفٽن، قيوم آباد، گلشن اقبال ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو وٺو، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هڪ ڦڙي به نه پئي، موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ اڄ به برسات جا امڪان آهن، ٻئي طرف  ملير جي وسندين گهگهر ڦاٽڪ، قائدآباد، گلشن حديد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، پورٽ قاسم،ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جنهن بعد ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، ملير لنڪ روڊ تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ترسايل برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سياري جي پهرين برسات پئي، سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي واري تعلقي سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات وسڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، سڄو ڏينهن جهڙالي موسم کانپوءِ هلڪي برسات سبب ٿڌيون هوائون گهلڻ شروع ٿي ويون، جنهن بعد فيمليز پاران تفريح ماڳن جو رخ ڪيو ويو، سجاول ۾ برسات جو زوردار وسڪارو ٿي، جنهن بعد موسم وڻندڙ بڻجي وئي، ٿڌ سبب ماڻھن گرم شين جو واھپو وڌائي ڇڏيو آھي، ٺٽي ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون، جنگشاھي، جھمپير، گجو، گھارو، ور ۽ غلام الله سميت ٻين شھرن ۾ سياري جي پھرين برسات پئي، جنهن بعد ٿڌي ۾ اضافو اچي ويو، واهي پانڌي ۽ آس پاس جي  ڳوٺن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو ٿيو، جنهن کانپوءِ موسم ٿڌي ٿي وئي، ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري کانپوءِ ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن سبب ٿڌ وڌي وئي آهي، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي اترين علائقن آزاد ڪشمير ۽ اتر بلوچستان ۾ برسات ۽ پهاڙن تي برفباري موسم کي ٿڌو ڪري ڇڏيو، شانگلا شاپ، يختنگي ٽاپ، اجمير ٽالپ، گامتل ۽ ٻين علائقن ۾ برفباري، جڏهن ته ميرپور، آزاد ڪشمير ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي، جاڙن شهرن راولپنڊي اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئي، ٿڌيون هوائون لڳڻ سبب موسم ٿڌي ٿي وئي، مري ۾ به ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاڳيتو برسات ۽ گليات ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌي ٿي وئي، موسميات کاتي موجب ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي.