حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شهيد بينظير آباد ۾ نيب سان ڏيتي ليتي ڪندڙ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج جي مقرري وارو آرڊر رد ڪري ڇڏيو آهي. ريجنل ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد مجتبيٰ دايو پنهنجي وڪيل عشرت علي لوهر معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سروس اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، سيڪريٽري ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سيڪريٽري ڪاليج ڊپارٽمينٽ، ايسوسيئيشن پروفيسر بي پي ايس 19 قادر بخش رند کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته نيب سان ڏيتي ليتي ڪندڙ ۽ ڪافي عرصي کان غير حاضر رهندڙ قادر بخش رند کي 24 سيپٽمبر تي ايسوسيئيٽ پروفيسر مان 19هين گريڊ ۾ شهيد بينظير آباد ۾ ڪاليج سائيڊ تي ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته کيس ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي ٻڌايو ته قادر بخش رند سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ مقرري دوران ڪرپشن ۾ ملوث رهيو جنهن بعد نيب سان ڏيتي ليتي ڪئي، جڏهن ته ڄاڻايل عملدار خلاف سنڌ سرڪار ڪارروائي ڪرڻ بدران کيس پنهنجا نوازي پاليسي تحت ريجنل ڊائريڪٽر جو عهدو حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ سرڪار پاران شهيد بينظير آباد ۾ ڪاليج سائيڊ تي قادر بخش رند جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن رد ڪندي ڪراچي رپورٽ ڪيل مجتبيٰ دايو کي ٻيهر ساڳئي هنڌ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ڪاليج ڊپارٽمينٽ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي کين 27 آڪٽوبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.