حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي صحافي راشد لغاري جو وڏو ڀاءُ ڌڻي بخش لغاري 55 سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد  لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز اڄ ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو 10 وڳي اباڻي علائقي ٽنڊو غلام علي ڀرسان گلاب لغاري ۾ ادا ڪرڻ بعد قبرستان اگهم ڪوٽ ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو تڏو ٽنڊو گلاب لغاري ۾ سندس رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي.