لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال ٻاهران چور مريض کڻي ايندڙ ڪار ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار مالڪ لوڪل گورنمينٽ ڪلارڪ مظفر مگسي چور کي سوگهو ڪرڻ لاءِ پهتو ته جوابدار کيس مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪار مان لاهي فرار ٿي ويا، مظفر مگسي ٻڌايو ته اسپتال علاج لاءِ آياسين ته چور ڪار ڪاهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي مارڪٽ ڪري هليا ويا، ٻئي طرف سول لائن پوليس جو چوڻ ھو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.