ڪراچي: اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، راجا اظهر ۽ نصرت سحر عباسي ڪورنگي ۾ متاثر فيڪٽري جو معائنو ڪيو ۽ فوت ٿيل ڪاشف جي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي. ڪاشف جي امڙ حليم عادل شيخ آڏو دانهيندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش  هيٺ فيڪٽري ۾ باهه لڳائي اسان جي ٻارن کي جيئرو ساڙيو ويو آهي، فيڪٽري جو ڪوبه چوڪيدار، مينيجر يا ٻيو ڪو عملو نه سڙيو آهي،  رڳو مزدورن کي ساڙيو ويو آهي اسان جا ٻار دري مان جان بچائڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا، فائربرگيڊ 2 ڪلاڪ دير سان پهتي،  چوڪيدار تالو لڳائي هڪ ڪلاڪ تائين غائب ٿي ويو.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ٿئي ها ته بلديه ٽائون وانگر اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين ها سنڌ حڪومت جي غفلت  ڪري اهو واقعو پيش آيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طوري باهه واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ روپيا ۽ هڪ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري.