جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

0
178
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڀٽائي ٽائون ۾ 30 ورهين جي نوجوان کي مبينا طور تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو

ايس ايڇ او صدر موجب نامعلوم ھٿياربندن لياقت پنهور کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

جڏهن ته علائقي ۾ واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان کي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي، مقتول لياقت علي پنهور جو ڀاءُ لطف الله پنهور به گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

 سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مامو ۽ ڀاڻج قتل