جيڪب آباد پوليس ھفتو اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي مبينا ھاءِ فراءِ ڪري ڇڏيو

0
284

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد پوليس ھفتو اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي مبينا ھاءِ فراءِ ڪري ڇڏيو سٽي پوليس دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پٿرموڙ وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري اياز لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل ھٿ ڪري ورتو آهي جيڪب آباد پوليس جي ترجمان پنهنجي پريس رليز جاري ڪندي چيو ته ٽن ڦورن شھري توفيق جکرو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پٿر موڙ وٽ ايس ايڇ او سٽي جو گشت دوران ڏوھارين سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ ھڪ ڦورو اياز لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل ھٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي عبدالجھانگير مٺياڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقابلو ٿيو آهي پر جڳهه جو خبر ناهي ته ڪٿي ٿيو وڌيڪ ٿاڻي کان پڇا ڪري وٺو ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڦورو کي ھفتو اڳ گرفتار ناهي ڪيو ويو واضح رهي ته پوليس ھٿان مقابلي ۾ ھاءِ فراءِ ٿيل نوجوان اياز لاشاري کي صدر پوليس ھفتو اڳ ڳڙهي سٻايو واري علائقي کان گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ھو مقابلو ڄاڻائي زخمي حالت ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.