پنگريو ڀرسان نينگري جي مبينا اغوا خلاف ڌرڻو

0
308

پنگريو(ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ صدر کوسو واسڻ نا بالغ نينگري ليلان جي وارثن پريس ڪلب پنگريو اڳيان نينگري جي مبينا اغوا خلاف ڌرڻو ھڻي 2ڪلاڪ تائين پنگريو جھڏو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي جي ڪري پنگريو جھڏو روڊ تي 2ڪلاڪ ٽرانسپورٽ بند رھڻ سبب مسافرن کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي ويو، پنگريو پوليس مظاھرين سان ڳالھيون ڪري نينگري کي بازياب ڪرائڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪرايو.