جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو جاگير ۾ ٻئي ڏينهن به 6 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ مغوي فرقان سومرو جي بازيابي لاءِ پوليس ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو، پوليس بڪتر بند گاڏين ۽ اي پي سي چين ذريعي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران پوليس ڏوهارين جي ٺڪاڻن ۽ گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ٻڌايو ته جاگير جي علائقي ۾ ٻئي ڏينهن به ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهيو، ڌاڙيلن جا ٿاڪ ۽ گهر ساڙيا ويا آهن، جڏهن ته عارضي چوڪيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته 6 اهلڪارن جي شھادت ۽ مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري رهندو.