مريدشاخ (رپورٽ: فيض الله سميجو) مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ۾ ويڳي ماءُ راحت راجپوت پاران 11 سالن جي ڌيءَ ايمان تي مبينا وحشياڻو تشدد وارو مامرو. کنڀڙا پوليس ڪارروائي ڪندي نينگري جي ويڳي مامي شان راجپوت کي گرفتار ڪري ويڳي ماءُ پاران تشدد جو نشانو بڻيل نينگري ايمان راجپوت کي آزاد ڪرائي ورتو، جنهن بعد تشدد ۾ زخمي ٿيل 11 سالن جي نينگري ايمان راجپوت ۽ گرفتار ڪيل جوابدارن ويڳي مامي شان راجپوت ۽ ويڳي ناني حفيظن راجپوت کي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو جتي فرسٽ سول جج مجيب الرحمان ڦلڦوٽو پاران پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نينگري جو فوري طور تي ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ عدالت سڳوري جي اهڙي حڪم کانپوءِ پوليس ٻارڙيءَ کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري نينگريءَ کي ميديڪل لاءِ ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته نينگريءَ جو ميديڪل ڪرائڻ کانپوءِ نينگريءَ کي ٻيهر عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو جنهن بعد عدالت سڳوري ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن جي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ ويڳي ماءُ راحت راجپوت جي تشدد سبب زخمي ٿيل نينگري ايمان راجپوت کي عدالت سڳوري 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض نينگري جي چاچي نعمت الله راجپوت جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ميديڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ 7 مئي تي ٻيهر نينگري ايمان راجپوت ۽ جوابدارن کي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.