جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 11 ڏينهن اڳ پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن جا وارث پوليس اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت پھچي ويا، الڳ الڳ درخواستون داخل، عدالت 7 جون تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو، خبر موجب 11 ڏينهن اڳ پوليس ھٿان مارجي ويل بختيار جکراڻي جي پيءُ احمد ارشاد ۽ مقتول محمد شير جکراڻي جي ڀاءُ رھزن جکراڻي وڪيل معرفت پوليس اھلڪارن خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻنهي مقتولن جي وارثن الڳ الڳ سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل جي معرفت 22 اي بي جي درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ هنن ڄانايو آهي ته پوليس اھلڪار دلاور سٻايو، محمد علي بروهي، طارق ترين ۽ ٻن اڻڄاتل سندن نوجوانن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، درخواست گذارن ڄاڻايو آهي ته ڪم ڪار سانگي ڳوٺ کان جيڪب آباد آياسين تي مددگار پوليس سينٽر وٽ مٿين ڄاڻايل پوليس اهلڪارن اسان جي اکين سامھون ٻنهي نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس ٻنهي نوجوانن کي مقابلو ڄاڻائي مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ٻنهي مقتولن جي وارثن جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي ڌرين کي 7 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.