جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ عورت بخار ۽ ساهه جي تڪليف سبب فوت، ڪورونا ۾ مبتلا هئاڻ جا چوٻول، جهڏو شهر جي غلام حسين ڪالوني ۾ ڊاڪٽر برڪت ڪهيري جي گهرواري جنت خاتون تيز بخار ۽ ساهه جي تڪليف سبب فوت ٿي وئي ساڳئي ئي گهر جا ٻه ڀاتي 26 سالا نوجوان مھتاب علي ۽ سندس والده غلام ڪبري کي پڻ تيز بخار ۽ ساهه جي تڪليف سبب حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس ٻنهي جون ڪورونا رپورٽ پازيٽو آيون آهن جنهن مان عورت غلام ڪبري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڪورونا فوڪل پرسن جهڏو ڊاڪٽر مير مختيار ٻڌايو ته فوت ٿيل عورت جي ڪورونا ٽيسٽ ناهي ٿيل احتياط طور اسان وارثن کي عورت جي تدفين ايس او پيز تحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي هوڏانهن ڪورونا ڪيسن باوجود جهڏو تعلقي ا نتظاميا توڙي صحت کاتي متاثر خاندان جي ٻين ڀاتين جي ٽيسٽ وغيره جي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن جنھن سبب شهري خوف سبب پريشان آهن.