ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس 4 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ پوليس مختلف شهرن سانگهڙ، ڪراچي، خانپور ۽ نواب شاه شهرن سان تعلق رکندڙ 4 نوجوانن اسلم خان، شاه محمد، جام ڀٽي ۽ غلام فريد کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس موجب 4 ئي ڄڻن کي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ عورتاڻي آواز تي هرکائي شادي جا آسرا ڏئي ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، پوليس موجب 4 ئي ڄڻن کي آگاهه ڪيو ويو ته جن نمبرز تي اوهان رابطي ۾ آهيو اهي نمبر ڌاڙيلن جا آهن.