ميرپورخاص/جهڏو(نمائندن وٽان) ميرپورخاص جي تعلي جهڏو ويجهو ڳوٺ رمضان خشڪ ۾ جوابدار عابد خشڪ پاران 15 سالن جي نينگري صائمه خشڪ سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي، نينگري جي ماءُ لطيفا خشڪ جي فرياد تي جوابدار عابد خشڪ مٿان وومين پوليس ميرپورخاص ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. کيس اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس پاران متاثر ناريءَ جو ميڊيڪل ڪرايو ويو. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي وومين پوليس اسٽيشن جي انچارج مومل لغاري ٻڌايو ته متاثر ناري پنهنجي امڙ لطيفا سان گڏ ٿاڻي تي پھتي ۽ سندس امڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ھوڏانھن الزام ھيٺ جوابدار عابد علي خشڪ چيو ته صائما منهنجي ماسات ۽ مڱيندي آھي، ماسي عيوضي ۾ سڱ نه ڏيڻ تان ناراض ٿي با اثرن جي چوڻ تي منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي. صائما ۽ آئون شادي ڪرڻ ۽ تحفظ لاءِ جھڏو ٿاڻي تي پھتاسون پر پوليس ڌر بڻجي وئي. هن چيو ته عدالت ۾ انصاف جي اميد آهي.