جھول (ن پ ا) جھول ٿاڻي تي عدالتي حڪم تحت عورت پاران طلاقيل ڌيئرن کي مبينا اغوا ڪرڻ جو ٻانڌي واسي جوابدارن مٿان ڪيس داخل. ان سلسلي ۾ جهول واسڻ ٻن طلاقيل ڌيئرن شريمتي لڪشمي ڪولھڻ ۽ شريمتي جمي ڪولھڻ کي مبينا اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو، نياڻين جي اڳوڻن مڙسن ڪمون ڪولھي، لالجي ڪولھي ۽ سندن ٽن ساٿين نانجي ڪولھي، پائو ڪولھي ۽ ھيمل ڪولھي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. هن موقف اختيار ڪيو ته ٻه مهينا اڳ مڙسن سندس نياڻين کي طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو، ڏهه ڏينهن اڳ منهنجي ڌيئرن کي سندن اڳوڻن مڙسن پنھنجي ساٿين سان گڏجي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا. عدالتي حڪم بعد ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي.