جهانگير ترين گروپ جا ميمبر پنجاب اسيمبلي ۾ الڳ سيٽن تي ويهندا

0
390

لاهور: پي ٽي آءِ سرڪار کي جهانگير ترين گروپ جو هڪ ٻيو ڌچڪو، جهانگير ترين گروپ طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي بئنچز تي نه ويهڻ جو فيصلو، پارلياماني ليڊر سوڌو جهانگير ترين جِي حامي ايم پي ايز طرفان اسپيڪر پرويز الاهي سان جلد ملاقات جا امڪان، ذريعن موجب جهانگير ترين جو حامي گروپ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي الڳ سيٽس الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندو، ايم پي اي نذير چوهاڻ ۽ نعمان لنگڙيال جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين گروپ ۾ 30 اسيمبلي ميمبرز آهن، هم خيال ميمبرز پنجاب اسيمبلي ۾ ڌار سيٽس تي وهي پاڻ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿاريندا.