اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين رياض فتيانه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪاميٽي اينٽي ريپ بل 2021ع کي غور کانپوءِ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ڪاميٽي ڪرمنل لا ترميمي بل، نيب ايڪٽ ۾ ترميمي بل، رجسٽريشن امينڊمينٽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، قانون انصاف ڪاميٽي ۾ منظور ڪيل بل جي حوالي سان ڳالهائيندي قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اينٽي ريپ بل ڏينهن رات محنت ڪرڻ کانپوءِ ٺاهيو ويو، آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپي ملڪن جي قانونن کان به مدد ورتي وئي، ملڪ جي زميني حقيقتن کي ڏسي ان بل جي تياري ڪئي، اڄ اينٽي ريپ بل جي سڄي دنيا تعريف ڪري رهي آهي، ان بل جي قومي اسيمبلي ۾ منظوري وقت اپوزيشن کي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، پيپلزپارٽي ان بل جي مخالفت ڪري عورتن جي حقن خلاف قدم کنيو آهي، پيپلز پارٽي پاڻ ان جي وضاحت ڪري سگهي ٿي، پر ڪاميٽي ۾ ان بل کي نواز ليگ جي محمود بشير ورڪ پاران منظوري جي حمايت ڪرڻ جو مطلب اهو بل درست آهي، هن چيو ته ان بل تحت ريپ جي جوابدارن جا جوابدار عمر قيد جي سزا ڪٽڻ کان پوءِ جيڪڏهن ٻيهر زيادتي ڪندا ته ان کي ڪيميڪل ڪاسٽريشن ذريعي نامرد ڪيو ويندو، هن چيو ته هيٺين طبقي تائين وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا صوبن سان مشاورت ڪري. هن چيو ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل جي نوڪري جو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس ٻيهر مقرر ڪري سگهبو، ان بل ۾ ڪنهن قسم جي سياست جو عمل دخل ناهي.