لاهور  ( م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران ان جي گرفتاري بعد جناح هائوس تي حملي جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي واٽس اپي گروپ ۾ شامل ماڻهن جي وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي. حساسن جاين جي لوڪيشن، چڙ ڏياريندڙ پيغام ۽ شرپسند مهم  واٽس ايپ گروپن ذريعي به هلائي وئي، ان حوالي سان 159 واٽس ايپ گروپ ٽريس ڪيا ويا آهن. انيسا فاطما، جنيد راجپوت، عثمان جٽ ۽ اويس علي نالي واٽس ايپ گروپن جي ميمبرن ک ٽريڪ ڪيو ويو. فهيم خان، خواجه شفقت ۽ طارق علي جي واٽس ايپ گروپن کي به ٽريس ڪيو ويو آهي. لاهور جي مقامي قيادت جي واٽس ايپ ميسيجز ۽ رابطن جو به جائزو ورتو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ ڇاپن جون ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ڄاڻايل ماڻهن جي موبائل فونز جي فرانزڪ آڊٽ شروع ڪئي وئي آهي.