لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن هفتن اندر سمورا معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. زمان پارڪ ۾ ٽڪيٽ هولڊرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هي جيڪو وڻين سو ڪن تحريڪ انصف خلاف سازش ڪامياب نه ٿيندي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف پاران پنجاب ۾ عوامي پاور شو جو فيصلو ڪندي 18 مئي تي مريدڪي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي عمران خان به خطاب ڪندو. ان موقعي تي عمران خان گوجرانوالا جي ٽڪيٽ هولڊرز کي اهم ٽاڪس ڏيندي کين گرفتاري کان بچڻ جون به هدايتون ڪيون. ڪارڪنن چيوته مريدڪي ۾ جلسو هر صورت ۾ ٿيندو جيڪڏهن 144 لاڳو هوندو تڏهن به جلسو ڪنداسين. ان کان اڳ عمران خان وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته چنگيز خان هڪ شهر فتح ڪندو هو ته قتل عام ڪندو هو پوءِ جيڪي چند ماڻهو بچندا هئا انهن کي ڇڏي ڏيندو هو، ۽ چئني پاسي کين پکيڙي چورائيندو هو ته وڃي دنيا کي ٻڌاءِ ته آئون ڪيڏو ظالم آهيان، منهنجي ڪيڏي دهشت آهي.  هوڏانهن  پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته هنن وٽ ثبوت آهن ته 9 مئي تي ٿيل ڀڃ ڊاهه وارن واقعن ۽ فائرنگ، باهه واقعن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائيءَ تي ردعمل جاري ڪندي پي ٽي آءِ چيو آهي اسان سڌي ريت چئون ٿا ته اسان وٽ ڪنهن به آزاد تحقيق ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کوڙ شاهديون موجود آهن، جن مان ثابت ٿئي ته ڀڃ ڊاهه ۽ ڪجهه هنڌن تي فائرنگ ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث هئا. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائي جاري ڪندي چيو هو ته 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن جو آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل ٿيندو. تحريڪ انصاف ان حوالي سان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن ته احتجاجين جي صفن ۾ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هٿياربند ڏڦيڙي داخل ڪيا ويا، انهن هڪ پاسي ڀڃ ڊاهه کي هٿي ڏني ته ٻئي پاسي پرامن هٿين خالي شهرين تي فائرنگ ڪئي وئي، ڪيترائي معصوم شهري شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا. پي ٽي آءِ موجب ڏڦيڙ جي آڙ ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي قوت ۽ پاڪ فوج کي آمهون سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان غير معمولي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي نشاهدي لاءِ جاچ اڻٽر آهي، عمران خان سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ بااختيار ڪميشن جوڙڻ جي تجويز پيش ڪري چڪو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سڌي ريت چئون ٿا ته اسان وٽ ڪنهن به آزاد جاچ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کوڙ شاهديون موجود آهن، جن سان ثابت ٿئي ته ڀڃ ڊاهه ۽ ڪجهه جاين تي فائرنگ ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث هئا، منصوبو اهو هو ته افراتفري پکيڙي وڃي، جنهن جو الزام تحريڪ انصاف تي هڻي ان خلاف ڪريڪ ڊائون جو جواز ڳوليو وڃي.