جعلي ڊوميسائيل تي نوڪريون وٺندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع

0
343

سکر: سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل تي نوڪريون حاصل ڪندڙ آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جي گهرو کاتي جاچ لاءِ خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 8 آفيسرن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي، جن مان 3 ٻهراڙي ۽ 5 شهري ڊوميسائل شامل آهن. جن آفيسرن جا ڊوميسائيل چيڪ ٿيڻا آهن تن ۾ ارسلان چوڌري، ڪامران احمد، محمد اسد گوندل، اويس احمد، مخدوم ملڪ ، سردار اشرف ، راجا عبدالسلام خان شامل آهن. سنڌ جي گهرو کاتي ٻن هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.