ثمينه پاڻ مون کي شادي جي آڇ ڪئي هئي: عثمان پيرزاده

0
518

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عثمان پيرزاده چيو آهي ته هن جي گهرواري اداڪاره ثمينه پيرزاه شادي لاءِ پاڻ پروپوز ڪيو هو، نجي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ثمينا سان پهرين ملاقات پنهنجي پهرين ڊرامي دوسرا آدمي جي شوٽنگ دوران ٿي، ان ڊرامي ۾ ثمينا جي سئوٽ منهنجي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو، ان وقت ثمينا مون کي سٺي لڳي جنهن بعد کيس پنهنجي گهر گهرائي والد ملاقات ڪرائي، ان بعد اسان ثمينا جي مامي جي گهر ۾ هئاسين ته ثمينا شادي جي آڇ ڪئي جنهن تي آءُ حيران رهجي ويس، هن چيو ته تون مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته ويهه نه ته هتان وڃي سگهين ٿو، جنهن تي مان کلي ڏنو، هن چيو آهي ته نڪاح جي تاريخ به ثمينا پاڻ ئي طئي ڪيو هو ۽ اسان والدين جي مرضي جي بغير شادي ڪئي هئي، نڪاح بعد والدين کي شادي بابت ٻڌايو، ڇو ته ثمينا جي والده منهنجي اداڪار هجڻ تي خوش نه هئي هو چاهي پئي ته اداڪاري ڇڏي نيوي جوائن ڪيان، واضح رهي ته عثمان ۽ ثمينا پيرزاده جي شادي 1975 ع ۾ ٿي هن جون ٻه ڌيئرون انعم ۽ امل پيرزاده آهن.