سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو خيال نھ پيو رکيو وڃي:وزير اعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير کي واپس گهرائي ورتو

0
597
ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانو پنهنجن شهرين جو خيال رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، وزير اعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير کي واپس گهرائي ورتو، اعليٰ سطح جاچ جو اعلان، وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته شڪايتون مليون آهن ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني ليبر پريشانيون ڀوڳي رهي آهي، پر پاڪستاني سفير انهن لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ پرڏيھھ ۾ رھندڙ پاڪستاني مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھن چيو تھ بدقسمتي سان ملڪ ۾ لانگ ٽرم پلاننگ جو الميو رهيو آهي، پاڪستان جي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ ڪنهن زور نه ڏنو، ايڪسپورٽ نه وڌڻ ۽ ڊالر جي گهٽتائي سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، 30سالن ۾ 20 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، 90لک اوور سيز پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ منسلڪ ڪري سگهجي ٿو، اڪائونٽ ۾ هڪ ارب ڊالر اچڻ تي رضا باقر کي مبارڪون، اسان جي بينڪن کي ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت ناهي.