ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ثقافت کاتي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس جي ٻڌڻي، هڪ شاهد تي جرح مڪمل، ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي، ڪالهوڪي ٻڌڻي دوران ٽوئرزم کاتي جي اڳوڻي ايم ڊي روشن ڪناسرو کي جيل مان پيش ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل نيب جي شاهد محمد اسلم تي جرح مڪمل ڪئي. جوابدارن جي وڪيل شاهد کان پڇيو ته اصل دستاويز توهان وٽ هئا؟ نيب درخواست ۾ لکيو ته اوهان چيو هو ته اصل دستاويز جوابدار شهنشاهه وٽ آهن؟ ڇا اوهان کي نيب ڪڏهن اصل دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ چيو؟ اوهان جيڪي دستاويز جمع ڪرايا ڇا اهي اصل دستاويزن جي فوٽو ڪاپي آهن؟ وڪيل جي سوالن جا جواب ڏيندي شاهد چيو ته اصل دستاويز مون وٽ نه هئا، مون کي دستاويز شهنشاهه وٽ هجڻ بابت به ڪا خبر ناهي، نيب به مون کي اصل دستاويزن جو نه چيو، مون جيڪي دستاويز جمع ڪرايا، منهنجي خيال ۾ اهي ئي اصلي آهن، شاهد اسلم تي جرح مڪمل ٿيڻ بعد جوابدارن جي وڪيل ٻئي شاهد ڊپٽي ڊائرڪٽر (ايڊمن ) عبدالرزاق بلوچ کان به جرح ڪئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي