کهڙا (ن پ ا) کهڙا ۾ 4 ڏينهن اڳ ايس ايچ او کهڙا اعجاز علي مگسي ۽ نصير احمد اڄڻ ناري تهمينا خلجي پاران زيادتي ڪوشش الزام واري مامري جي انڪوائري جي حوالي سان ڊي آءِ جي سکر پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي کھڙا پهچي الزام هيٺ آيل نصير احمد اڄڻ ۽ پاڙي وارن جا جان محمد اڄن، محمد علي خلجي، چنگچي ڊرائيور مشتاق ناريجو، کهڙا ٿاڻي تي ننڍي منشي قربان شاهاڻي ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته متاثر عورت تهمينه ۽ ايس ايچ او کهڙا اعجاز علي مگسي جا بيان اڳ سکر ۾رڪارڊ ڪيا ويا هئا، ان حوالي سان انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي ٻڌايو ته انصاف تي مبني رپورٽ اڄ ڊي آءِ جي سکر وٽ پيش ڪري ڇڏيندس، هوڏانهن خيرپور جي وومين ٿاڻي جي ليڊيز پوليس متاثر ناري تهمينا خلجي کي بيان ڏيڻ لاءِ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ناري تهمينه خلجي ليڊيز پوليس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تهمينه خلجي جو چوڻ آهي ته 4 ڏينهن اڳ ايس ايس پي خيرپور، اي ايس پي سٽي نوشيروان ۽ وومين ٿاڻي خيرپور جي انچارج تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي هئي، ڪاميٽي 3 ڏينهن اڳ خيرپور گهرائي منهنجو بيان رڪارڊ ڪيو ھو پر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايچ او ۽ بااثر خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري مان ايس ايس پي خيرپور پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسرن وٽ بيان ڏيڻ لاءِ نه ويندس.