تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي ڳوٺ علي بخش بجاراڻي رهواسي نوجوان صدام حسين ملڪ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، ڌاڙيلن مغوي جي ڀاءُ فدا حسين کي سندس ئي نمبر تي ڪال ڪري 9 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، مغوي جي وارثن عامر ملڪ، فداحسين ملڪ ۽ ٻين چيو ته رڪشو هلائيندڙ پورهيت  واپس نه آيو، اڄ نمبر کليو ۽ ڌاڙيلن ڳالهائي 9 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، هنن چيو ته مزودري ڪري 2 ويلا مشڪل سان گذر سفر ڪيون ٿا پئسا ناهن پوليس جون اعلى اختياريون نوجوان پورهيت کي بازياب ڪرائي گهر ۾ پکڙيل بيچيئني ختم ڪئي وڃي.