تشدد جو ورجاءُ، ملڪي اميج ۽ معيشت جو مستقبل

0
539
هڪ-بهتر-سنڌ-جي-اڏاوت-جو-موقعو

پاڪستان ۾ هر سال ٻن کانپوءِ ڪانه ڪا سياسي يا مذهبي ڌر ملڪ جو ڪاروهنوار ٺپ ڪندي رهندي آهي، ڌرڻا هاڻي رڳو عارضي واقعو ناهن رهيا، پي ٽي آءِ پنهنجي مخالف ڌر واري زماني ۾ چار مهينا پارليامينٽ اڳيان ڌرڻو هڻي وفاقي گادي واري مکيه هنڌ کي مفلوج ڪيو هو، ان کان اڳ طاهر القادري ٻه ڀيرا ڌرڻا هڻڻ ۽ ڊيوٽي پوري ڪرڻ کانپوءِ ڪينيڊا روانو ٿي ويو. 2017 ع ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي فيض آباد راولپنڊي وٽ ڌرڻو هڻڻ سان شهرت ملي، 20 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ان ڌرڻي سبب زندگي ايتري ته مفلوج ٿي وئي جو تڏهوڪي نواز ليگ سرڪار ملڪ جي اهم ادارن کي وچ ۾ آڻي ذري گهٽ هڪ طرفو ٺاهه ڪندي پنهنجي قانون واري وزير زاهد حامد کان استعيفيٰ ڏياري، ملڪ جي هڪ اهڙي اداري جي سربراهه به ان ٺاهه تي صحيحون ڪيون ۽ هڪ ٻئي اداري جو سربراهه کي ڌرڻي جي شريڪن کي سرعام لفافن ۾ گهر موٽڻ جي ڀاڙي جا پئسا ڏيندي اهو چوندي ٻڌو ويو ته “اسان اوهان مان ناهيون ڇا؟”، اها وڊيو ايئن ئي عام ٿي هئي، جيئن ٻه ڏينهن اڳ ملڪ جي هڪ اهم اداري جي سپاهين کي ڌرڻو هڻندڙ تحريڪ لبيڪ سان گڏ نعرا هڻندي ڏيکاريو ويو.
گذريل سال نومبر ۾ ساڳي جماعت پاران ڌرڻو هڻي فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، حڪومت ڌرڻو هڻندڙن کي خاطري ڪرائي ته سندن مطالبو پارليامينٽ آڏو رکيو ويندو، ڪجهه ڏهاڙا اڳ تحريڪ جي باني جي پٽ ۽ نئين امير پاران حڪومت تي واعدي کي نه پاڙڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن کي ٻئي ڏينهن گرفتار ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري پنجاب جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا، احتجاج ڪيا ويا، جنهن دوران تشدد جا ڪيترائي واقعا پيش آيا، ٻن ڏينهن تائين ايئن ٿي لڳو ڄڻ ملڪ ۾ ڪا حڪومت ئي نه هجي، ملڪ جون اهم شاهراهون بند هيون، شهرن خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ زندگي مفلوج ٿي وئي، روزاني ڊان پاران 14 اپريل جي اخبار ۾ ڄاڻايو ويو ته پنجاب ۾ 300 کان مٿي رڳو پوليس وارا زخمي ٿيا آهن ۽ 2 پوليس اهلڪار مظاهرين هٿان تشدد ۾ قتل ڪيا ويا، ان سڄي صورتحال ۾ روڊ رستا بند هجڻ سبب جيڪي درجنين ماڻهو اسپتالن ۾ نه پهچڻ سبب فوت ٿي ويا، انهن کي به قتل ۾ شامل ڪرڻ غلط نه هوندو.
انهن ٻن ٽن ڏينهن دوران روڊن رستن تي تشدد جا جيڪي منظر سوشل ميڊيا تي عام ٿيا آهن، انهن کي ڏسڻ کانپوءِ دنيا ۾ ڪير مڃيندو ته رستن تي بربريت ڪندڙ ماڻهن جو واسطو امن واري دين سان آهي، سڄي دنيا ۾ اڳي ئي پاڪستان کي غير محفوظ ۽ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو وڃي ٿو، اهي منظر پاڪستان بابت ان ناڪاري تصور کي وڌيڪ هٿي ڏيندا.
جڏهن به پاڪستان ۾ اهڙا گروهه احتجاج جي نالي تي ڏنڊا بردار ۽ هٿياربند جٿن جي شڪل ۾ رستن تي نڪرندا آهن ته ڪيترن ڏينهن تائين حڪومت يا رياست جو وجود نظر نه ايندو آهي. چوراها، رستا، گهٽيون ۽ شاهراهون يرغمال ٿيل هونديون آهن، حڪومت هر پاسي کان لاچار ٿيڻ کانپوءِ وس ڌڻين وسيلي هٿ ٻڌي ڏي وٺ ڪندي آهي. سرعام دهشتگردي ڪندڙ ماڻهن تان ڪيس واپس ٿيندا آهن، حڪومت گوڏا کوڙيندي آهي ۽ ٻي به ڪا ڏي وٺ ٿيندي هوندي جيڪا عام اڳيان نه ايندي هوندي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فائز عيسيٰ جسٽس مشير عالم، ان قسم جي گروهن اڳيان گوڏا کوڙڻ ۽ ساڻن ٺاهه ڪرڻ تي سخت فيصلو ڏنو، فيصلي ۾ ملڪ جي اهم ادارن جي ڪردار تي به تنقيد ڪئي وئي هئي، چيو وڃي ٿو ته جسٽس فائز عيسيٰ تي صدارتي ريفرنس دراصل ان فيصلي جو نتيجو آهي.
هر سال ٻن کان پوءِ ٿيندڙ اهڙن پرتشدد احتجاجن جي نتيجي ۾ نه رڳو ملڪ جو اميج عالمي برادري ۾ خراب ٿيندو رهي ٿو، پر ساڳي وقت عالمي سيڙپڪار ۽ سياح به اهڙي ملڪ کان پاسو ڪندا رهن ٿا. ٻاهريان ته ڇڏيو، مقامي سيڙپڪار ۽ سياح به گهر مان نڪرڻ کان لنوائيندا. پاڪستان ۾ 2007ع ۽ 2008ع ۾ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري 5.6 ارب ڊالر ۽ 5.4 ارب ڊالر هئي جيڪا هاڻي 2 کان اڍائي ارب ڊالرن جي وچ ۾ بيٺي آهي. هوڏانهن بنگلاديش جهڙي نسبتن ننڍي سائيز واري معيشت ۾ به پوڻا ٻه ارب ڊالر جيتري سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ٿئي ٿي، پرڏيهي توڙي ڏيهي سيڙپڪار کي مارڪيٽ ۾ ڇڪڻ لاءِ امن ۽ استحڪام پهرين گهرج آهي. غير مستحڪم حڪومتن ۽ بدامني وارن ملڪن ۾ ڪاروباري معيشت ريڙهيون پائيندي آهي، پاڪستان جا سمورا معاشي اهڃاڻ ان ڪري ئي لڳاتار لاٿ جو شڪار آهن.
پاڪستان جي درآمد واپار يعني امپورٽس جو ملهه ملڪ جي برآمدي واپار يعني ايڪسپورٽس کان ٻيڻو آهي. ٻين لفظن ۾ ته بين الاقوامي واپار ۾ پاڪستان جيترا ڊالر پرڏيهه مان ڪمائي ٿو، ان کان ٻيڻا پرڏيهه مان خريداري تي خرچ ڪري ٿو، ان جو لازمي نتيجو واپاري گهاٽو آهي ۽ رپئي جي اگهه ۾ لاٿ آهي.
ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ تشدد وارين لهرن سبب ملڪ جي پيداوار جي اڳي ئي ڌڪ لڳل هو، مٿان وري ڪورونا ۽ توانائي جي اگهن ۾ واڌ سبب ملڪ جي پيداواري صلاحيت گهٽجڻ توڙي پيداواري لاڳت وڌڻ سبب پاڪستان عالمي پڙي ۾ ڏينهون ڏينهن پٺتي پئجي رهيو آهي. وڏيون سيڙپڪار ڪمپنيون هاڻي پاڪستان ۾ موڙي لڳائڻ کان پاسو ڪري رهيون آهن، هلندڙ سال جي پهرين ستين مهينن ۾ پاڪستان اندر پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 27 سيڪڙو لاٿ اچي چڪي آهي، هن وقت وڏي ۾ وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري سي پيڪ هيٺ چين مان ٿي رهي آهي، يورپي ملڪن جي پاڪستان ۾ سڌي سيڙپڪاري لڳاتار لاٿ ۾ آهي.
ان قسم جي ڪمزور معاشي صورتحال ۾ جڏهن روڊ رستا ئي يرغمال رهن ۽ تشدد جا منظر جڳ جهان سوشل ميڊيا ۽ پرڏيهي ميڊيا وسيلي ڏسي رهيو هجي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ اها ٿوري گهڻي سيڙپڪاري به ختم ٿي ويندي، ساڳي طرح حڪومت ڏينهن رات ملڪ ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هٿ پير هڻندي رهي ٿي، سياحت جو به سڌو سنئون تعلق امن امان سان آهي، هن قسم جي وحشتناڪ منظرن کي ڏسڻ کانپوءِ دنيا جو ڪهڙو ماڻهو هتي اچي سياحت ڪرڻ چاهيندو.
ڏهاڪن کان جاري رهندڙ ان صورتحال سبب هاڻي عالمي برادري ۾ ملڪي اميج ترو وڃي ورتو آهي، هر نئين مهيني فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي تلوار ٽنگيل رهي ٿي، هن قسم جا مذهبي گروهن جي تشدد وارا واقعا پاڪستان کي ان قسم جي عالمي ادارن اڳيان وڌيڪ ڪمزور ڪندا رهندا.
ملڪ جي وس وارن ادارن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان قسم جي پرتشدد گروهن سان رعايتي رويو هاڻي دنيا کي قبول ناهي ۽ ان جا نتيجا ملڪ لاءِ وڌيڪ سوڙهه پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجندا.
ويڙهاڪ جٿا جنهن حڪمت عملي هيٺ تيار ڪيا ويا هئا، ان جا نتيجا ابتا نڪتا آهن، هاڻي اهي ويڙهاڪ جٿا ملڪ جي اندروني استحڪام ۽ بقا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن، جيڪڏهن اهڙن گروهن ۽ سندن سرپرستن مان جان نه آجي ڪرائي وئي ته ملڪ لاءِ وڌيڪ ڏچو پيدا ٿيندو ۽ معاشي اوسر کي اهڙو هاڃو رسندو جو عالمي ادارن وٽان وڌيڪ اوڌر ملڻ به ممڪن نه رهندي، ملڪ جي آئيندي لاءِ ضروري آهي ته قانون جي سخت عملداري قائم ڪري ملڪ ۾ معاشي اوسر لاءِ ماحول پيدا ڪيو وڃي.