ڊيلي ويجز پاليٽڪس ۽ ملڪ کي ٿيندڙ نقصان

0
608

ڇا هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو. اهو بلڪل نئون، هر شيءَ کان الڳ ٿلڳ آهي ۽ اهو ڪنهن سان به واسطي کانسواءِ ٿي رهيو آهي ۽ بلڪل ايئن ڄڻ اوهان جي سامهون ڪو هاري يا ڪو پورهيت ڪنهن جانور کي ڌڪ هڻي ته اوهان ان لقاءَ کي ايئن چوڻ شروع ڪيو ته “اهو سڀ ڪجهه ته منهنجي سامهون ٿيو هو”. اهو ايئن به آهي، پر ان جانور سان ان هاري يا پورهيت جو جيڪو رستو رهيو آهي، جيڪا هڪٻئي سان گڏيل محنت جي بنياد تي اڻ لکي دوستي آهي ، اها نئين به ڪانهي، ان جي باري ۾ ڪنهن به پورهيت ۽ بني بشر کي به ڪا خبر ڪانهي ته اها دوستي ڪهڙن اصولن ۽ قانونن جي آڌار تي ٿي آهي.
مثال طور: پاڪستان جي اڄوڪين سياسي سماجي حالتن کي ٿا کڻئون.
اڄ کان هڪ هفتواڳ 12 اپريل تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي) جو سربراهه مولانا سعد رضوي گرفتار ٿيو، اڄ هڪ هفتو پوءِ هو اڃان به گرفتار آهي ۽ سندس مذهبي جماعت کي “دهشتگرد” جو ٺپو هڻي ٻين 80 گروپن سان گڏ بيهاري کين چوٿئين شيڊيول ۾ رکيو ويو آهي، جن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلندا آهن.
جيتوڻيڪ 12 اپريل کان پوءِ 19 اپريل تائين ڪيئي سج گرهڻ ٿي چڪا ، پر اهي ڪنهن به نه ڏٺا. اها نه ڏسڻ واري ڳالهه هڪ سٽ سان ٽي ايل پي کي طاقتور بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. پاڪستان ۾ “نيڪٽا” قانون هيٺ اهي سموريون ڪارروايون جن ۾ دهشتگردي ٿيندي هجي اها ميڊيا تان نشر نه ٿي ڪري سگهجي، ڇوته، ميڊيا جي پاران ماضيءَ ۾ جڏهن به اهڙين ڪاررواين کي سڌو Live ڏيکاريو ويو هو ته اهي ڪارروايون سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويون هيون.
12 اپريل واري ڳالهه به نئين ڳالهه ڪانه هئي. 2 مهينا اڳ، عمران سرڪار ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري طئي ڪيو هو ته اپريل مهيني ۾ فرانس جو سفارتخانو بند ڪيو ويندو ۽ سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي. وفاقي سرڪار کي ان معاهدي ڪرڻ کان اڳ ٻن ڳالهين تي سوچڻ گهرجي ها. پهرين ته، ڇا دنيا کان الڳ رهي سگهجي ٿو؟ ۽ ٻيون ته يورپي يونين جيڪڏهن پاڪستان سان واپاري لاڳاپا ختم ڪندي ته ملڪ جي واپار جو ڇا ٿيندو؟
ان معاهدي کان اڳ، بهترين ڳالهه اها هئي ته، ٽي ايل پي سان ڳالهائجي ها، انهن کي دنيا جا دستور ۽ پاڪستان جون مجبوريون ٻڌائجن ۽ کين سمجهائجي ها. ان مشق کان پوءِ اهڙو معاهدو ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها.
سعد رضوي جي گرفتاري کان پوءِ پاڪستان جون سموريون مذهبي ڌريون هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ لڳيون. سڄي ملڪ ۾ رڪاوٽون بيهجي ويون. ماڻهو، سواريون، شهرن جا رابطا، زميني ۽ هوائي سفر ڏکيا ٿي ويا. ڪراچي شهر ۾ ته مڙيئي منهن ڏنائون پر جتي گرفتاري ٿي هئي، اتي لاهور کي مرڪز بنائي سمورو پنجاب ۽ ان جو ڪاروهنوار بند ڪيائون.
سڀ کان اول، چنڊ ڏسڻي ڪاميٽيَء تان ھٽايل مفتي منيب الرحمان TLP جي حمايت ڪئي. ھنن پريس ڪانفرنس ۾ 19 اپريل تي سڄو ملڪ بند رکڻ جي ، ڦيٿا روڪ ھڙتال جي اپيل ڪئي .ان کان پوءِ مولانا فضل الرحمان “ متحدا مجلس عمل” جي پليٽ فارم تان انھن جي حمايت ڪئي. مولانا جي ان حمايت جو مطلب اھو به سمجھڻ گھرجي ته پي ڊي ايم هاڻي ٻئين نمبر تي اچي ويئي ۽ مولانا جي متحدا مجلس عمل پهرئين نمبر تي سامهون هئي. مذھبي گروپن جي گڏجڻ جو مطلب آھي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين لاءِ ھاڻي سياسي پارٽيون نه پر مذھبي پارٽيون پنھنجي طاقت ڏيکاري رھيون آھن. اھي (پارليامينٽ بدران ) پنهنجي طاقت ڏيکاري رھيا آھن. ھاڻي اسٽيبلشمينٽ کي ڏسڻو اھو آھي ته 2 سياسي پارٽيون… خاص ڪري….. نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪھڙي راءِ ٿيون رکن. مثال طور جي ٻيئي پارٽيون عمران خان جي مخالفت ۾، ان جي سرڪار جي خاتمي لاءِ انھن مذھبي ڌرين جي حمايت ڪن ٿيون ته پوءِ ھيٺيان نتيجا نڪرندا.
الف) جيڪڏھن نوازليگ حمايت ڪري ٿي ته عالمي طور … ھڪ ڌڪ سان … لنڊن ۾ موجود نواز شريف جا مسئلا ھيڪاري خراب ٿي ويندا. نواز ليگ بنا دير ملڪ اندر( مذھبي حمايت يافته) پارٽي ليکجڻ شروع ٿيندي. سندس سياسي حمايت جو ٽائيٽنڪ ٻڏڻ شروع ٿيندو.
(ب) جيڪڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي TLP جي سڌي يا اڻسڌي حمايت ڪري ٿي ته ان عمل سان پيپلزپارٽي پنھنجي لبرل ازم جي حوالي کي به نقصان پھچائيندي ۽ ساڳئي وقت اسٽيبلشمينٽ جي مدد ڪرڻ جي نالي ۾ پارٽي پنھنجي قيادت کي بنادير بي اثر ڪري ڇڏيندي ۽ پارٽي قيادت وري نه اٿي سگھندي
تحريڪ لبيڪ سان عمران سرڪار جي مذھبي وزارت ۽ گھرو وزارت جا ڪيل معاھدا سرڪار جي ڳچيَء جو ڳارو بڻجي رھيا آھن. جنھن ڪري مذھبي توڙي گھرو وزير جي گھرن تي رينجرز ۽ پوليس جا سخت پھرا ويھاريا ويا آھن
پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف:
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاريخ واضح ڪيو آهي ته تشدد وڌيڪ تشدد پيدا ڪندو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ هن لاهور ۽ سڄي ملڪ ۾ تشدد جي سخت مذمت ڪئي. هن پوليس ۽ عام ماڻهن جي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اها سرڪار جي ناڪامي آهي. هن سوال ڪيو ته اڄوڪي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڇو نه ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ ملڪ جي چئلينجن تي بحث ڇو نه ڪيو؟
نواز ليگ جو موقف :
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم هر قسم جي تشدد جي شديد مذمت ڪري ٿي. سرڪاري ناڪامي جي ڪري شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ماڻهن جون قيمتي جانيون ويون. شاهد خاقان عباسي چيو ته 2017ع ۾ اهڙن واقعن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو هو ته پاڪستان ۾ امن تڏهن ئي قائم ٿي سگهي ٿو ، جڏهن ملڪ آئين ۽ عوام جي خواهشن مطابق هلندو هجي.
وفاقي سرڪار جو موقف ۽ ترڪيب؛
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جيترو به اسلام جو پيغام ڦهلايو آهي، اوترو ٻي ڪنهن به سرڪار نه ڦهلايو آهي. اسان وٽ ڳالهين جا دروازا کليل آهن. ٻه دور ڳالهين جا ٿي چڪا آهن. ٽيون دور اڄ رات هلندو. خوشخبري گهرو وزير شيخ رشيد آڻيندو.
وزيراعظم عمران خان ڪالهه قوم کي خطاب ڪندي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سندس سرڪار ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي) جو هڪ ئي مقصد آهي پر ٻنهي جي طريقي ۾ فرق آهي. ڏوهه دنيا ۾ هڪڙي هنڌ ٿئي ۽ خودڪش حملو ٻئي هنڌ ڪيو وڃي ته عقل ان جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطلب يورپين يونين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي.اسان جي ٽيڪسٽائل جو 50 سيڪڙو برآمدات يورپي يونين ڏانهن وڃن ٿا ، جيڪڏهن اسان يورپي يونين سان لاڳاپا ٽوڙينداسين ، اهو فرانس يا انهن کي نه ، پر اسان کي نقصان پهچائيندو. هن چيو ته برآمدات روڪڻ سان ملڪي صنعت جو چرخو بند ٿيندو ۽ بيروزگاري وڌندي.
وزيراعظم چيو ته ٽي ايل پي ۽ حڪومت ڇا چاهين ٿا، اهو ساڳيو آهي پر انهن جا رستا جدا آهن. وزيراعظم چيو ته ڌرڻا ۽ مظاهرا ڀارت جو فائدو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت تائين 4 پوليس وارا شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 800 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن قوم لاءِ ان حرڪت جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟
آخري ڳالهه :
هن لکت ڇپجڻ کان اڳ ئي ٽي ايل پي جي ٽئين دور جي ڳالهين بابت ميڊيا ۾ اچي ويو هوندو. شيخ رشيد انهن ڳالهين جي نتيجن کي خوشخبري سڏي ٿو. ان سموري ڳالهه مان ظاهر ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ ٻئي هڪٻئي جون ساٿي تنظيمون بڻجي سگهجن ٿيون. وزيراعظم چواڻي سندن طريقا مختلف آهن. منهنجي خيال ۾ مذهب ۽ عقيدي جي باري ۾ اسان کي ڪنهن به حوالي سان خاموشي سان سموريون ترڪيبون ڏسڻ گهرجن.
جيڪڏهن تحريڪ انصاف پاڻ کي ڊيلي ويجز تي مسئلا اڪارڻ ۽ اڪلائڻ واري روش کان پرهيز نه ڪئي ته وري به سندن 16 اپريل تي ٽي ايل پي تي بندش ۽ انهن تي لڳل ٺپي جو توڙ ڪهڙو ڳوليندا ؟ وارو سوال اهم هوندو
هن دنيا ۾ ڪابه شيءَ نئين ناهي. اها نئين به آهي ته پراڻي جو تسلسل به آهي. نئين هجي يا پراڻي ، اسان جو ڪم آهي ماٺ ڪري مشاهدا ڪرڻ.