ترقين کان محروم بڻايل صوبائي سروسز جا ڪامورا…!!

0
109
ترقين کان محروم بڻايل صوبائي سروسز جا ڪامورا...!!

  اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي صوبائي بيوروڪريسي کي اهميت نه پئي ڏئي، اهو معاملو ڪيئي سالن کان رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته ڪڏهن صوبائي سروسز جي ڪامورن جون ترقيون ماريون وڃن ٿيون، ڪڏهن کين مهينن جا مهينا پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويهاريو ويندو آهي، ڪڏهن وري کين ترقيون ڏيڻ لاءِ اهڙا ڏکيا شرط لڳايا ويندا آهن جنهن سان صوبائي بيوروڪريسي ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جا آفيسر ترقيون ماڻڻ کان محروم بڻجي خاموش ويهي رهن ٿا. سنڌ ۾ هونئن ته وفاقي بيوروڪريسي جو سدائين دٻدٻو رهيو آهي، جيڪڏهن سولو ڪري لکجي ته وفاق کان صوبن ڏانهن ويندڙ آفيسر صوبن ۾ مهمان واري حيثيت ۾ هوندا آهن ڇاڪاڻ ته کين مختص ٿيل ڪوٽا تحت ئي صوبا وفاق کان سندن خدمتون وٺندا آهن پر هتي خاص طور تي سنڌ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته سدائين وفاقي بيوروڪريسي ئي طاقتور رهي آهي، طاقتور به اهڙي جو صوبائي سروسز جي ڪامورن تي نه رڳو حڪمراني ڪندي آهي پر سندن ترقين کان وٺي مقررين ۽ ٻين معاملن جا سمورا فيصلا به وفاقي سروسز جي ڪامورن کي ڏنا وڃن ٿا، جنهن ڪري صوبائي بيوروڪريسي پنهنجي گھر يعني پنهنجي ئي صوبي ۾ به ڪمزور حالت ۾ بيهاري وئي آهي.

هڪ پاسي وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن وٽ به ڪامورن جو شديد بحران پيدا ٿيل آهي، جنهن ڪري وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ملڪ جي سمورن صوبن سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان ۾ وفاقي سروسز پاڪستان ايڊمنسٽريٽر سروس (پي اي ايس) گروپ جي ڪامورن جي مقرري واري ڪوٽا 2025 هئي پر وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وٽ پي اي ايس گروپ جا ڪُل 896 آفيسر موجود هجڻ سبب صوبن ۾ پي اي ايس گروپ جي آفيسرن جي ڪوٽا 2025 مان گھٽائي 1419 ڪئي وئي آهي، ان باوجود به وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن سنڌ صوبي ۾ مختص ٿيل مقرري واري ڪوٽا تحت سنڌ کي آفيسر نه پئي ڏئي سگھي. جنهن ڪري ٿيڻ ته ائين گھرجي جو سنڌ حڪومت پنهنجي صوبائي بيوروڪريسي جي ترقين واري عمل ۾ سست رفتاري واري پريڪٽس کي ختم ڪري کين صوبي اندر انتظامي عهدن تي مضبوط بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ جڏهن جڏهن به آفيسرن جي مقررين واري معاملي تي تڪرار ڪَر کڻن ٿا ته پوءِ اها صوبائي بيوروڪريسي ئي هوندي آهي جيڪا کين انتظام سنڀالڻ لاءِ ڪم اچي ٿي.

صوبائي سروسز ايڪس پي سي ايس گروپ جون گريڊ 21 ۽ گريڊ 20هين جون 3_3، گريڊ 19هين جون 30، گريڊ 18هين جون 62 ۽ گريڊ 17هين جون 131 پوسٽون خالي پيل آهن. جڏهن ته ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن جي سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي سيڪريٽري، ڪمشنر، ڊائريڪٽر جنرل، سيڪشن آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر سميت ٻين عهدن تي مقرري واري ڪوٽا 591 پوسٽن تي مختص ٿيل آهن، جن مان ٽوٽل 362 عهدن تي ايڪس پي سي ايس گروپ جا ڪامورا مقرر ٿيل آهن ۽ ايڪس پي سي ايس گروپ جي آفيسرن کي ترقيون نه ملڻ سبب سندن مقرري جي ڪوٽا واريون 229 پوسٽون خالي پيل آهن. اهڙي طرح پراوينشل سيڪريٽريٽ سروس(پي ايس ايس) گروپ جي ڪامورن جون سنڌ ۾ سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، سيڪشن آفيسر، ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر سميت سيڪريٽريٽ سائيڊ جون گريڊ 17هين کان 21هين تائين گريڊ 21هين ۾ 3، گريڊ 20 ۾ 23، گريڊ 19هين ۾ 102، گريڊ 18 جون 112 ۽ گريڊ 17 جون 446 پوسٽون مختص ٿيل آهن، جن مان پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن جون گريڊ 19هين ۾ 50، گريڊ 18هين ۾ 26 ۽ گريڊ 17هين ۾ 254 پوسٽون خالي پيل آهن، اهڙي طرح وفاقي سروسز پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (پي اي ايس) گروپ جي ڪامورن جون سنڌ اندر گريڊ 21هين جون 12، گريڊ 20هين جون 47، گريڊ 19هين جون 33، گريڊ 18هين جون 33 ۽ گريڊ 17هين جون به 36 پوسٽون خالي پيل آهن.

مجموعي طور تي سنڌ ۾ رڳو صوبائي سروسز يعني ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جي آفيسرن جون 559 پوسٽون خالي پيل آهن. سنڌ حڪومت جيڪڏهن صوبائي بيوروڪريسي جي ترقين واري معاملي کي سنجيده وٺي ته اها کوٽ ڪافي حد تائين ختم ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته رڳو صوبائي سروس جي ٻنهي گروپن جا 396 جي لڳ ڀڳ آفيسر اهڙا آهن جن جون ترقيون نه پيون ڪيون وڃن. اهڙي طرح جيڪڏهن باريڪ بيني سان گريڊ وائيز خالي جاين جو جائزو وٺجي ته رڳو 19هين گريڊ جو بحران سدائين خطرناڪ حد تائين رهندو آهي. 18هين گريڊ جي آفيسرن جون 19هين گريڊ ۾ ترقيون تمام گھڻي سست رفتاري سان ٿينديون آهن. ان کان سواءِ 20هين گريڊ ۾ به صوبائي سروسز جي ڪامورن کي ترقين ۾ پوئتي ڌِڪيو ويندو آهي، ڇو ته 20هين گريڊ واري پوسٽ سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل واري هجي ٿي. ان پوسٽ تي صوبائي سروسز جي ڪامورن جي ترقي روڪرائڻ لاءِ وفاقي سروسز جا سنڌ ۾ موجود ڪامورا هر حربو هلائيندا آهن. اهو ان ڪري ته جيئن صوبائي سروسز جي ڪامورن جي ان اهم عهدي تي کوٽ برقرار رهي ۽ رڳو وفاقي سروسز جا سنڌ ۾ موجود ڪامورا ئي سڻڀن عهدن تي مقرر رهن!!

هاڻي جڏهن وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن صوبن ۾ وفاقي سروسز جي ڪامورن جي مقرري واري ڪوٽا گھٽائي اهو تسليم به ڪري ورتو آهي ته وٽن هاڻي ايترا آفيسر ئي ناهن جيتري صوبن ۾ ڪوٽا مختص ٿيل آهي ته پوءِ اڃا به سنڌ حڪومت صوبائي سروسز جي آفيسرن کي نظرانداز ڇو پئي ڪري؟ ان پُٺيان آخر ڪارڻ ڪهڙا آهن جو سنڌ حڪومت جي آفيسرن کي پنهنجي ئي حڪومت کان ترقيون وٺڻ لاءِ به چيف سيڪريٽري وٽ اپيل ۾ يا عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو آهي؟ تازو صوبائي سروسز جي آفيسرن جي ترقين جي لاءِ جيڪا پاليسي جوڙي وئي آهي ان ترقين واري پاليسي تي به سنڌ صوبي جي آفيسرن کي خدشا آهن، صوبائي بيوروڪريسي جا اهي الزام به سامهون آيا آهن ته وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جا سنڌ اماڻيل آفيسر اهو نه ٿا چاهين ته صوبائي آفيسرن جون ترقيون آساني سان ٿي وڃن. ان ڪري ترقين واري اهڙي پاليسي ٺاهي وئي آهي جيئن مَس وڃي ڪو آفيسر اهڙن شرطن تي پوورو لهي ۽ ترقي ماڻي سگھي. ان خدشن جو اظهار ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن پاران لکت ۾ به نه رڳو چيف سيڪريٽري پر وڏي وزير وٽ به ڪيو ويو آهي، جنهن بعد سندن خدشا ٻڌڻ لاءِ وڏي وزير پاران گھرو کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو ۽ وزيراعليٰ جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان ڪاميٽي کي به مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ آفيسرن کان بيان ورتا ويا آهن. وڌيڪ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي ڪامورن جا خدشا ختم ڪري سگھي ٿي يا کين احتجاج ڪندڙ عام ملازمن وانگر سکڻيون خاطريون ئي ڪرايون وينديون…؟؟