لاقانونيت ۽ سماج جو نفسياتي جائزو

0
148
لاقانونيت ۽ سماج جو نفسياتي جائزو

 پوري دنيا ۾ نه صرف انسانن پر جانورن جي تحفظ لاءِ به ادارا قائم ٿيل آهن جيڪي ٻنهي جي ڀلائي لاءِ هر وقت ڪوشان رهن ٿا. اسان وٽ لاقانونيت ڄڻ هڪ قانون بڻجي ويو آهي هر ڏاڍي کي ڪمزور مٿان ڏاڍ ڪرڻو آهي پنهجن علائقن ۾ وڏيرا ٿي پنهجي عدالت ۽ سرڪار قائم رکيو ويٺا آهن نه کين ڪنهن به رياست جو ڪو خوف آهي نه ئي سندن ڪو ثاني آهي عدالتون به انهن جون فيصلا به پاڻ ڪن ۽ آفيسر شاهي به انهن جي نه ڪير پڇي نه ڪڇي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان ڪيڏانهن پيو وڃي هن ملڪ ۾ قانون ڇو ناهي ؟ ڏاڍي کي سزا ڇو نٿي اچي هن ملڪ ۾ غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙُو قانون ڇو ناهي؟

 هر روز هزارن جي تعداد ۾ چوريون ٿين ٿيون . اڪثريت اهڙي آهي جيڪا اسان جي سماج ۾ بيوس بڻجي باغي ٿي پئي آهي ته آخر انهن سرڪاري ادارن ۾ ڪهڙو فرياد کڻي وڃجي؟ اتي وڃڻ لاءِ عام ماڻهو جو اعتماد بحال ناهي اهو سوچي ٿو ته سندس مسئلو اتي حل ئي نه ٿيندو پر جيڪڏهن وڃي ٿو ته عام رواجي پوليس وارو کانئس پهريون ته اهو پڇندو ته تيل جا پيسا ڏي ته هلون ؟ اهي ننڍڙا ننڍڙا سوال معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿا ڪن . بنيادي عدالتون ڪورٽون ناهن پر اسان جا ٿاڻا آهن جتي جيڪڏهن انصاف صحيح معنيٰ ۾ ملي ته شايد ڏوهه نه ٿئي ماڻهن جو اعتماد بحال ٿي ويندو. پر بنيادي سوال اهو آهي ته انهن ماڻهن جو انهن ادارن تي اعتماد ڪيئن بحال ڪجي انهن کي ڇا جي ضرور ت آهي جو ايئن ڪرڻ سان سندن حوصلا بلند ٿي ويندا ۽ سرڪاري ادارن تي اعتماد سندن بحال ٿي ويندو؟ان جو جواب  صرف هڪ ئي آهي جيڪو آهي انصاف . هتي عام لوڪل وڏيرو جيڪا ظلم جي باهه ٻاريو ويٺو آهي ان ۾ سڪا ساوا ٻئي سڙي رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن پهريان بلدياتي اليڪشن ٿي جنهن ۾ ماڻهو سرعام ڪنهن به خوف کان آجا ٿي هڪ ٻئي مٿان حملا ڪري رهيا هئا ايئن پيو لڳي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي غريب ڊڄي رهيو هو ڏاڍي کان ۽ طاقتور ظلم پيو ڪري. جڏهن اسان جي پويون نسل وڏو ٿيندو ته هي ڪهڙي قسم جو بنياد وجهندو . ٻه ٻار آهن هڪ ونڊ اسڪرين مان  ٻاهر ٻيٺو آهي پويان پوليس جو سائرن آهي پوليس ماڻهن کي پري ڪري رهي آهي هڪ اهو ٻار آهي جيڪو اسڪول وڃي ٿو ۽ اهو ان ٻار جي پوليس پروٽول جي ڪري روڊ جي هن پار سندس  گذرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. بنيادي طور اهو ٻار جڏهن وڏو ٿيندو جنهن جي آڏو پوليس جو پروٽوڪول هجي اهو ٻار معاشري ۾ ڪهڙي تبديلي آڻيندو ڪهڙي سهپ جو مظاهرو ڪندو ؟ سماج ڪهڙُو به هجي اتي برابري هجي نه ته ان معاشري ۾ وڏو بگاڙ ايندو، ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿيندا ۽ پوءِ ڪم جي نوعيت ۾ ڪمي ايندي جيڪا ملڪي سطح تائين اثر ڪندي جنهن جو مثال مذهب جي نالي تي قتل ٿيندڙ ڪيترائي واقعا آهن.

جڏهن لاقانونيت وڌي ويندي آهي انصاف ناهي ملندو ان جو منفي اثر به معاشري ۾ ضرور پوندو ماڻهو قتل ڪندا ، سندن ذهنن ۾ بدلي جي باهه هوندي عدالتن ۾ انصاف ۽ دير سندن اندر جي ٻريل ٻاهه کي ڀڙڪائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون.

هڪ نئون رجحان پيدا ٿي پيو آهي جنهن ۾ اڪثريت اسان جي نوجوانن جي انٽر کانپوءِ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح تعليمي ادارن جو رخ نٿي ڪري . جيڪي پيسي وارا آهن اهي ادارن تائين وڃن ٿا باقي مقامي وڏيري جي اوطاق تي وڃي سيلفي ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪن ٿا. اهڙن نوجوانن کي اڪثر استعمال ٿيندي ڏٺو ويو آهي عمريون گذري وڃن ٿيون پر سندن قدر نٿو ٿئي.

هڪ دفعي ڪنهن ڪم سان ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته ڪجهه نوجوان ڀڄندا پئي ويا سندن هٿ ۾ ڪيمرا هُئي وڏي ويگو اچي بيٺي پويان پوليس جو لشڪر، وڏيري ڏهن منٽن کان پوءِ شيشو هيٺ لاٿو ۽ نوجوانن دراوزي کان بيهي ڦوٽو پئي ڪڍيا بعد ۾ خبر پئي ته سائين مقامي ايم اين اي آهي ۽ سندس علائقي ۾ وڏو ڏهڪاءَ آهي.

بيروزگاري هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي ڪري اسان جا اڪثر نوجوان اهڙن ماڻهن کان متاثر ٿي ڪري اهڙن ڪمن کي فروغ ٿين ٿا جيڪڏهن اسان جا اسڪول صحيح ڪم ڪن بنيادي تعليم اثرائتي هجي ته ضرور ان جو عام ماڻهو تي اثر پوندو. اسان وٽ انٽر ۽ گريجوئيٽ ته اڪثر عام جام هر ڳوٺ ۾ آهن پر نقل ڪري پاس ٿي ڊگري وٺڻ وارو تعليم يافته ناهي. اڻ پڙهيل تجربيڪار جيڪو شعور رکي ٿو اهو پڙهيل لکيل آهي. جيئي هي جيئي هو نعرا سدائين سندن مقدر بڻيل رهندا ۽ سنڌ ايئن ئي اهڙن ماڻهن جي ور چڙهيل هوندي. چيو پيو وڃي ته ڪيترائي ماڻهو بلدياتي اليڪشن ۾ مختلف جهيڙن ۾ مارجي ويا هڪ معاشري ۾ جتي ڪنهن قتل جي داد فرياد نه ٿيندي ته اتي بگاڙ ڇو نه ٿيندو ماڻهو قانون کي هٿ ۾ کڻندا جنهن کي روڪڻ بنيادي طور تي رياست جي ذميداري آهي پر رياست هلائيندڙ حڪومتون ڇا ان قابل آهن ته اهي اهڙي عمل کي روڪي سگهن .

حڪومت جو جيسيتائين ڪم ڪرڻ رويو ناهي تيسيتائين ڪم نه ڪري سگهندي، ڀلي ڪيتريون به رنگين بجيٽ جون ڪاپيون ڇو نه ڇپرائي. مختلف گرافن سان پسنٽيجز نڪتل هوندا آهن ايتري بهترين ڪاغذن تي چٽسالي ٿيل هجي ٿي جو ٻاهرين ميڊيا به ڌوڪو کايو وڃي.

حڪومت کي گهرجي ته خدمت ۾ يقين رکي گورننس بهتر بڻائي باقي نه ته سڀ بيڪار آهي.