ماسڪو (م ڊ)روس پاران تائيوان معاملي  تي چين جي ”ون چائنا پاليسي“ جي حمايت جو عزم ڪيو ويو آهي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو چوڻ آهي ته چين جي ون چائنا پاليسي تي روسي موقف ۾ تبديلي ناهي آئي. تاشقند ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته چين جي ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪريون ٿا، اسان کي چين جي خودمختياري جا اصول برقرار رکڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. روسي پرڏيهي وزير پاران هي بيان چيني صدر جي آمريڪي صدر کي تائيوان معاملي ۾ مداخلت جي حوالي سان خبردار ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. ياد رهي ته چين تائيوان کي پنهنجو حصو تصور ڪندو آهي جڏهن تائيوان پاڻ کي هڪ ڌار رياست مڃيندو آهي ۽ ان معاملي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگھي عرصي کان تڪرار هلندو پيو اچي.