ڪراچي:  سنڌ جي اطلاعات  واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اليڪشن ڪميشن کان فارين فنڊنگ ڪيس جو  فيصلو ٻڌائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فنانشل نيوز جي رپورٽ موجب عمران خان وڏو لٽيندڙ ثابت ٿيو آهي،  وزيراعظم  عمران خان جو نالو  اي سي ايل ۾ شامل ڪري انهي معاملي تي هاءِ ليول جي جي آءِ ٽي جوڙي، وفاق عمران خان کي گرفتار به ڪري سگهي ٿو، سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سچو آهي ته برطانوي اخبار خلاف ڪيس ڪري،  هن چيو ته عمران جي سياست ڀارت ۽ اسرائيل جي فنڊنگ سان  پئي هلي، هن  چيو ته  هڪ پارٽي لاءِ هڪ ۽ ٻين لاءِ ٻيو قانون نه هلندو، هاڻي لاڏلا ازم نه هلندو،