بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ قادر بخش بنگوار ۾ مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو فوج علي مزاري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل ڌر بشير مزاري مٿان چار لک 20 هزار رپيا ڏنڍ وڌو ويو، جڏهن ته قادو مزاري الزام هيٺ آيل ڌر کي ڏهه هزار رپيا معاف ڪيا، ڏنڊ جي رقم چار لک 10 هزار موقعي تي ادا ڪيا ويا، جنهن بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.