نوري آباد (ن پ ا) ڪوهستان ۾ جبل ڪٽي رهائشي پراجيڪٽ ٺاهڻ جو ڪم نه رڪجي سگھيو اهي، سڄاڻ ڌرين پاران تحريڪ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ مختلف بلڊرن طرفان ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي جي جلبن ڪارو جبل، ڪوڊير، لوياڇ مڪان، ٽڪ مڪان ، سرکن مڪان، گڙند مڪان، ڊڀن واري جنگشاھي جي مارو جبل جي ڪٽائي جاري آهي. جڏهن ته جبل مالماڙي جھمپير لوڻي ڪوٽ ڄنگھڙي سميت ڪافي ھنڌن تي ڳري مشينري وسيلي جبلن کي مختلف ڌماڪن وسيلي ٽوڙي ميداني علائقا بنايا پيا وڃن . جبلن ۾ اڃا تائين بلڊرن پاران جبل ڪٽائي لا۽ مشينون مختلف علائقن ۾ موجود آھن جن خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي. بلڊرن پاران سرڪاري جبلن کي بغير ڪنھن اٿارٽي جي سرڪاري زمين جيڪا مختلف نالن فرضي نالن سان غير قانوني طريقي سان ليزون ڪرائي انھن ۾ غير قانوني ڪريش پلانٽ قائم ڪري روينيو عملي جي ملي ڀڳت سبب جبل ڪٽي اتي مختلف سوسائٽيون ٺاھيون پيون وڃن. ڪوھستان جي سياسي سماجي اڳواڻن قدرتي سونھن جبل ڪٽڻ واري عمل کي سازش قرار ڏيندي چيو آھي تـ ڪوھستان جي جبلن جي ڪٽائي ڪري اھا زمين بحريا ٽائون سميت ٻين بلڊرن حوالي ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي پئي وڃي، جنھن ۾ سنڌ حڪومت ملوث آھي. ان عمل خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. سياسي سماجي ڌرين ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري محمد بخش بروھي شاھ محمد چانگ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪوھستان جيڪو قدرتي سونھن جبل جيڪي مسمار ٿي رھيا آھن ان عمل خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ٻئي .