ممبئي ( شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ملائيڪا شيراوت چيو آهي ته فلمن ۾ بولڊ سين ڪرڻ تي عورتن تي سوال اٿاريا ويندا آهن جڏهن ته مرد اداڪارن کي ڪجهه به ناهي چيو ويندو.پنهنجي هڪ انٽريو دوران ملائيڪا شيراوت پنهنجي بولڊ سينز بابت ميڊيا جي رويي تي روشني وڌي.ملائيڪا شيراوت جو چوڻ هو ته جن سينز تي عورتن بابت ڪجهه چيو ويندو آهي اهي سينز مرد اداڪار بنا ڪنهن تنقيد جي ڪري ويندا آهن ۽ نه ئي انهن سان ڪنهن قسم جا سوال جواب ٿيندا آهن.سندس چوڻ هو ته هتي هميشه مردن بدران عورتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، اهو رڳو ڀارت ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي، مونکي وڌيڪ خبر ناهي پر ڀارت ۾ اهو سڀ ڪجهه گهڻو ٿيندو آهي.